پشاور (م ڊ) تحريڪ انصاف جو اڳواڻ فيصل جاويد ڊگهي عرصي تائين غائب رهڻ بعد پشاور ۾ منظرعام تي اچي ويو. فيصل جاويد پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي. چيف جسٽس محمد ابراهيم خان ٻڌڻي هلائيندي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي . عدالت کيس واڳيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. فيصل جاويد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سڀني تي ڏکيو وقت گذريو آهي . دعا آهي ته سڀ مظلوم پنهنجن گهرن ۾ واپس اچن، سڀني کي پي ٽي آءِ باني جي آزاديءَ جو انتظار آهي، پي ٽي آءِ جو باني جلد عوام جي وچ ۾ هوندو. هن چيو ته عمران خان ميانوالي مان چونڊ وڙهندو ۽ ٻيهر وزيراعظم ٿيندو.