نواز ليگ اسلام آباد جو سياسي ڪنٽرول به وڃائڻ واري

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)نواز ليگ اسلام آباد تي به سياسي ڪنٽرول وڃائڻ واري، اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي اميدوارن  جي درخواست تي ٽن تڪن جا ڪاميابي وارا نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيا، ٻيھر ڳڻپ جو امڪان.خبر موجب اسلام آباد جي ٽن تڪن تان قومي اسيمبلي جي سيٽن تي ڪامياب ٿيل نواز ليگ جي اميدوار طارق فضل چوڌري، راجا خرم نواز ۽ انجم عقيل جي ڪاميابي جي خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ شعيب شاھين ۽علي بخاري اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو آھي ته اسلام آباد جي ٽن تڪن تي رڪارڊ ڌانڌلي آھي ٿي ۽ ووٽ ڳڻڻ ۾ بدڌيانتي ڪئي وئي آھي، اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ارباب محمد طاھر سندن درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي جاري ٿيل نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو آھي، امڪان ظاھر ڪيو پيو وڃي ته ڄاڻايل تڪن جي پولنگ اسٽيشنن تي ڪاسٽ ٿيندڙ ووٽن جي ڳڻڻ ٻيھر ڪئي ويندي، سيد عمران شفقت چيو ته  جسٽس گل حسن اورنگزيب، پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب جو ڪزن آھي.

  • عوام جي چونڊيل حڪومت هفتي اندر حلف کڻندي: احمد شاهه

ڪراچي(رپورٽر) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان پاران ٿرڊ ايئر مني ٿيسز ڊسپلي 2024 منعقد، آرٽ اسڪول، آرٽس  ڪائونسل انسٽيٽيوٽ آف آرٽس اينڊ ڪرافٽس ڪراچي پاران ڪيو ويو. ٿرڊ ايئر مني ٿيسز ڊسپلي 2024 جو افتتاح نگران صوبائي وزير اطلاعات، اقليتي معاملن، سماجي تحفظ ۽ صدر آرٽس ڪائونسل محمد احمد شاهه ڪيو. نگران صوبائي وزير اطلاعات، اقليتي معاملا، سماجي تحفظ، صدر آرٽس ڪائونسل محمد احمد شاهه آرٽس ڪائونسل جي آرٽس اسڪول جي شاگردن جي ٿيسز جي نمائش کي خطاب ڪندي چيو ته مان آرٽس ڪائونسل جي شاگردن ۽ استادن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. آرٽس ڪائونسل جي آرٽس اسڪول ۾   ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ کان معذور شاگرد به تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. ٻڌڻ ۽ ڏسڻ کان محروم شاگرد سپر هيرو آهن. اهو سڀ ڪمال فيڪلٽي ۽ استادن جو آهي. هن چيو ته اسپيشل ٻارن کي پڙهائڻ ڏکيو ڪم آهي، اهو ٻين ماڻهن لاءِ مشعل راهه آهي. اهي عام ٻارن کان وڌيڪ قابل هوندا آهن. مان هن شاندار ڪم ڪرڻ تي سڀني کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، مان سڀني کان گهڻو شڪرگذار آهيان ميڊيا جو، جيڪي سٺن ڪمن کي سپورٽ ڪري رهيو آهي. اهي ٻار اڳتي وڌندا ۽ قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي پنهنجو ۽ آرٽس ڪائونسل جو نالو روشن ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته ڪابينا جو آخري اجلاس سڀاڻي ٿيندو. عوام جي چونڊيل حڪومت هڪ هفتي اندر مرڪز ۽ صوبن ۾ حلف کڻندي. سنڌ حڪومت جي بنيادي ذميواري امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ۾ رکڻ هئي. ٿرڊ ايئر مني ٿيسز ڊسپلي 2024 ٽيڪسٽائل ۽ ڪميونيڪيشن ڊيزائن مان ڪم کي نمايان ڪري ٿو. ٿيسز ڊسپلي ۾ ٽيڪسٽائل ڊيزائن ۾ عليزا وهاب ۽ ڪميونيڪيشن ڊيزائن ۾ حذيفه خان، اڪرام الله ۽ عبدالله علي شامل هئا.

  • بلاول ڀٽو اسلام آباد پهتو، حڪومت سازي لاءِ ڳالهيون

ڪراچي(رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خاص جهاز ذريعي اسلام آباد روانو ٿي ويو آهي، جتي نواز ليگ سان حڪومت  سازي لاءِ حتمي فيصلي جا امڪان آهن، ذريعن موجب وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي کان اسلام آباد خاص جهاز ذريعي هليو ويو آهي، جتي نواز ليگ سان حڪومت ٺاهڻ جي معاملي کي حتمي شڪل ڏني ويندي.

  • حليم عادل شيخ ۽  ٻين خلاف 2 ڪيسن جي  ٻڌڻي 22 مارچ تائين ملتوي

ڪراچي  (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت حليم عادل شيخ  ۽ ٻين جي خلاف پي ايس 88 جي ضمني اليڪشن ۾  وڳوڙن جي 2 ڪيسن ۾ ٻين جوابدارن جي غير موجودگي سبب ٻڌڻي 22 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، حليم شيخ عدالت ۾ پيش ٿيو، جوابدارن تي پي ايس 88 جي ضمني چونڊ ۾ وڳوڙ، سرڪار جي ڪم ۾ مداخلت جو الزام آهي، عدالت ٻين جوابدارن جي غير موجودگي سبب ٻڌڻي 22 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

  • پشاور هاءِ ڪورٽ  پاران علي امين گنڊاپور ۽ فيصل جاويد جي ضمانت منظور

پشاور (م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ خيبرپختونخواهه جي نامزد وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ سينيٽر فيصل جاويد جي ضمانت جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي. چيف  جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ ابراهيم خان علي امين گنڊاپور جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس چيو ته اهو ته پورو ڪيس آهي، علي امين گنڊاپور ڪٿي هو؟ جنهن تي وڪيل چيو ته اسان کي ڪيس جي باري ۾ خبر نه هئي. جنهن کان پوءِ عدالت علي امين گنڊاپور جي ضمانت منظور ڪندي کيس هڪ لک روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو  حڪم ڏئي ڇڏيو. هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل جاويد ڊگهي عرصي کان پوءِ منظر عام تي اچي ويو آهي، پشاور هاءِ ڪورٽ سينيٽر فيصل جاويد جي راهداري ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت فيصل جاويد کي به هڪ لک روپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

  • ايڪسائز کاتي پاران ٽيڪس وصولي لاءِ روڊ چيڪنگ مهم شروع

ڪراچي(رپورٽر)ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن، اينٽي نارڪوٽڪس سنڌ ٽيڪس نه ادا ڪندڙن جي مالڪن کان ٽيڪس وصولي جي روڊ چيڪنگ مهم شروع  ڪري ڇڏي آهي. هي روڊ چيڪنگ مهم 07 مارچ تائين جاري رهندي. ڊائريڪٽر جنرل ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن سنڌ اورنگزيب پنهور ٻڌايو ته مهم جو مقصد ٽيڪس نه ادا ڪندڙ گاڏين جي مالڪن کان ٽيڪس وصولي آهي،ڪراچي ۾ روڊ چيڪنگ مهم لاءِ 08 ٽيمون جوڙيون ويون آهن. ڪراچي ۾ 37 جڳهن تي چيڪنگ ڪنديون. انهن جڳهن ۾ ڪورنگي ايڊسٽريل ايريا، بروڪ چورنگي، سنگر چورنگي، ڊي ايڇ اي قبرستان، سن سيٽ بوليوارڊ  روڊ، طوبيٰ مسجد، سائيٽ، منگو پير روڊ، بنارس چورنگي، حب ريور روڊ، مزار قائد، شاهراه قائدين، مسلم آباد، گلستان اسڪول، کارادر، ڪيماڙي، ڪوئينز روڊ، ڪلفٽن باٿ آئي لينڊ، شاهين ڪمپليڪس، پي آئي ڊي سي، مائي ڪولاچي باءِ پاس، ملير ڪينٽونمينٽ، لانڍي انڊسٽريل ايريا، سعودآباد، کوکراپار، پي آئي بي ڪالوني، ٽي هٽي، سولجر بازار، لسبيله، جوهر چورنگي، ميٽرو ڪيش اينڊ ڪيري، ٽائم اسڪوائر، پهلوان ڳوٺ، ايف بي ايريا، ناظم آباد، نارٿ ناظم آباد ۽ نارٿ ڪراچي شامل آهن. ڊائريڪٽر جنرل ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن اورنگزيب پنهور وڌيڪ ٻڌايو ته ٽيڪس نه ادا ڪندڙ گاڏين جا مالڪ ڪنهن به ناخوشگوار صورتحال کان بچڻ لاءِ پنهنجا ٽيڪسز فوري جمع ڪرائين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.