بلوچستان ۾ ن ليگ جو وڏو وزير آڻڻ چاهيون ٿا: جعفر مندوخيل

ڪوئيٽا(م ڊ) مسلم ليگ بلوچستان جي صدر شيخ جعفر خان مندوخيل ۽ نون چونڊيل صوبائي اسيمبلي ميمبرن چيو آهي ته نواز ليگ جي مرڪزي قيادت اڃا تائين بلوچستان جي وڏي وزير جو عهدو پيپلز پارٽي کي ڏيڻ بابت  ڪو به فيصلو ناهي ڪيو. سومر ڏينهن ڪوئيٽا ۾ بلوچستان اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن سردار عبدالرحمان کيتران، مير شعيب نوشيرواڻي ۽ سردار مسعود لوني سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ جعفر خان مندوخيل چيو ته بلوچستان ۾ نواز ليگ اڪثريت ۾ آهي ۽ بلوچستان ۾ اسان ليگي ن ليگ جو وڏو وزير آڻڻ چاهيون ٿا.هن چيو ته حڪومت ٺاهڻ لاءِ ٻين پارٽين سان ڳالهيون جاري آهن، نواز ليگ سان اتحادي حڪومت ۾ ٻيون پارٽيون وڌيڪ مطمئن هونديون.هن چيو ته اسان انهن ميمبرن سان رابطي ۾ آهيون جيڪي آزاد حيثيت ۾ ڪامياب ٿيا آهن.شيخ جعفر خان مندوخيل چيو ته بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ نواز ليگ جي مرڪزي قيادت جيڪو به فيصلو ڪندي اهو اسان کي قبول هوندو پر نواز ليگ جي مرڪزي قيادت اڃا تائين بلوچستان جي وڏي وزير جو عهدو ڪنهن کي ڏيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو. پيپلز پارٽي سان معاهدو نه ڪيو ويو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.