سنڌ اسيمبلي اجلاس 29 فيبروري کان اڳ گهرائڻ جو امڪان

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ لاءِ تياريون شروع ٿي ويون، 29 فيبروري کان اڳ اجلاس سڏائڻ جا امڪان، وڏ وزارت لاءِ  ٻن اميدوارن مراد علي شاهه ۽ شرجيل ميمڻ مان هڪ کي فائنل ڪرڻ لاءِ پ پ ايم پي ايز سان مشورا،  خبر موجب  سنڌ ۾ چونڊ مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد اسپيڪر آغا سراج دراني جي هدايت تي سيڪريٽري جي ايم عمر فاروق اجلاس لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ايوان کي ڊيڪوريٽ ڪرڻ کانسواءِ ميڊيا جي پاسن، سيڪيورٽي ۽ ٻين معاملن تي ڪم ڪيو پيو وڃي، ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب پ پ جي اعليٰ قيادت وچ ۾ سنڌ جي وڏ وزارت لاءِ  شارٽ لسٽ ڪيل اميدوارن مراد علي شاهه ۽ شرجيل انعام ميمڻ بابت مشورا ٿيا آهن، جڏهن ته وڏ وزارت لاءِ اميدوار کي فائنل ڪرڻ لاءِ پ پ ايم پي ايز کان ڪراچي طلب ڪرڻ کانپوءِ انهن سان ڌار ڌار مشورا ورتا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.