ڪراچي (رپورٽر) شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ٺهيل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ اجلاس، سنڌ حڪومت پاران شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار، قاتلن جي گرفتاري لاءِ مرحلي وار تحريڪ جو اعلان، 24 فيبروري تي سمورن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا، 26 فيبروري تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ احتجاجي جلسو ڪيو ويندو. ڪراچي ۾ پريس ڪلب ۾ ٿيندڙ اجلاس ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي، جنرل سيڪريٽري شعيب خان، ڪي ٽي اين نيوز ڪراچي جي چيف رپورٽ وحيد راجپر، صدر پي ايف يو جي جي ايم جمالي، سيڪريٽري پي ايف يو جي دستور اي ايڇ خانزاده، سنڌ جنرلسٽ ڪائونسل جي اڳوڻي صدر غازي جهنڊير، جنرل سيڪريٽري رحيم شاهه، جوائنٽ سيڪريٽري ڪراچي پريس ڪلب منصف علي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ شهيد جان محمد جي قاتلن جي گرفتاري نه ڪرڻ تي صحافين افسوس ۽ ڳڻتين جو اظهار ڪندي مرحلي وار تحريڪ جو اعلان ڪيو، شهيد جان محمد مهر بهادر صحافي هو، هن وقت تائين شهيد جان محمد مهر جي قتل ۾ ملوث شيرل عرف شيرو مهر سميت 6 مک جوابدارن کي سکر پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، قاتلن جي گرفتاري تائين جدوجهد تيز ڪئي ويندي، سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس مقبول باقر، نگران وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز واعدو ڪيو شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ڪيا ويا اها افسوس جي ڳالهه آهي: جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي، ڪاوٽ ڪي ٽي اين نيوز جي بهادر صحافي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيا ويندا، حڪومت واعدو ڪيو ته قاتل گرفتار ٿي ويندا، پر هن وقت تائين قاتلن جي گرفتاري ناهي ٿي سگهي،