اسلام آباد/پشاور( م ڊ) خيبرپختونخواهه ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، جتي برسات سبب گهرن جون ڇتون ڪرڻ جي واقعن ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ميڊيا موجب پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پشاور ۾ برسات سبب 4 گهرن کي جزوي ۽ 2 گهر مڪمل طور تباهه ٿيا آهن. ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) پي ڊي ايم اي چيو ته متاثر ضلعن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن، برفباري ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب بند روڊن کي کولڻ لاءِ قدم تيز ڪيا ويا آهن. هوڏانهن وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ تيز برسات سبب رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.