جبري گمشدگيون: ورديءَ وارا پاڻ کي ٺيڪ نه ڪندا ته جواب ڏيڻو پوندو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل بلوچ شاگردن جي ڪيس ۾ عدالتي حڪم باوجود پيش نه ٿيڻ تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي ٻيهر طلب ڪري ورتو.جسٽس محسن اختر ڪياني جي سربراهي ۾ بلوچ گم ٿيل شاگردن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته پنهنجي ملڪ جي شهرين جي بازيابي ۾ 2 سال لڳي ويا آهن، سندن  خلاف جهيڙي، منشيات سميت ڪو به ڪيس ناهي، جسٽس محسن اختر ڪياني پڇاڻو ڪيو ته ڇا 12 گم ٿيل شاگرد اڃا تائين بازياب ناهن ٿيا؟ جنهن تي اٽارني جنرل منصور عثمان چيو ته منهنجي ڄاڻ موجب 8 شاگرد اڃا تائين بازياب نه ٿيا آهن.عدالت پڇاڻو ڪيو ته نگران وزير، دفاع، گهرو سيڪريٽري ڪٿي آهن؟ وزيراعظم ٻيو ڀيرو نه آيو جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏيندي چيو ته نگران وزيراعظم کان پڇو، کيس ان لاءِ سڏايو ويو ته هو جوابده آهي، هتي ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي، يا اوهان انهن ماڻهن خلاف فوجداري ڪيسن جا تفصيل ٻڌايو يا پوءِ رياستي ادارا جبري گمشدگين جا ذميوار آهن؟ يا ته اهي ماڻهو پاڻ ڀڄي ويا يا ڪنهن ٽئين ڌر کين اغوا ڪيو، ان صورت ۾ ٻيهر رياستي ادارن جي ناڪامي آهي، هر مهيني جي تاريخ ملائي 24 تاريخون ٿي چڪيون آهن، جن شهرين کي بازياب ڪرايو ويو، انهن خلاف ڪو به ڪيس  رڪارڊ تي ناهي.معزز جج چيو ته انهن گم ٿيل ٻارن جون مائرون ۽ ڀينرون هونديون،اهي ڳولي رهيون هونديون، اسلام آباد جي ايف 6 مان هڪ شهري کي بغير ايف آءِ آر کنڀيو ويو، گم ٿيل بلوچ شاگردن جي بازيابي لاءِ 3 حڪومتون ڪجهه نه ڪري سگهيون، هينئر نگران حڪومت آهي. ان کان اڳ 16 مهينا جي حڪومت هئي، ان کان اڳ واري گذريل حڪومت به گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي ڪجهه نه ڪري سگهي هئي.هن چيو ته بچاءَ وارو سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي ايم آءِ، ڊي جي آءِ بي سرڪاري ملازم آهن، اهي سمورا آفيسر جوابده آهن، ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي،ٽنهي ادارن جي سربراهن جي ڪميٽي بڻائي ان کان رپورٽ گهرائي ٿا وٺون، عدالت چيو ته اسان وزيراعظم کي ڇو گهرايون؟ جن تي الزام آهي انهن ئي ادارن جي ماڻهن  تي ٻڌل ڪميٽي بڻائي ٿا  ڇڏيون، جنهن تي اٽارني جنرل استدعا ڪئي ته نئين حڪومت کي پاليسي ٺاهڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي، جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏنا ته هو ڇا چوندا ته  جبري گمشدگيون ٿيڻ گهرجن؟ ڪجهه ادارن کي جيڪا ڇوٽ مليل آهي، اها نه ملڻ گهرجي، پي ٽي آءِ ايم اين اي شير افضل مروت جي وڪيل چيو ته رات 2 وڳي منهنجي گهر تي ڇاپو هنيو ويو، ڇاپو هڻندڙ نقاب پوش هئا، جنهن تي جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏنا ته هي ايم اين اي ۽ وڪيل آهن، اسلام آباد ۾ انهن سان ڇا ٿيو، هي لڪي مروت نه اسلام آباد جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، هتي جيڪڏهن  اسيمبلي ميمبر سان ائين ٿي رهيو آهي  ته بلوچستان جي عام ماڻهن جو ڇا ٿيندو؟عدالت گهرو سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته آءِ جي اسلام آباد ۽ سي ٽي ڊي اهلڪارن کي طلب ڪيو وڃي، ٻئي لکت ۾ جواب ڏين، سمورو نظام ڄاڻي ٿو ته ڇا ٿي رهيو آهي، جج کي به خبر آهي پر سڀ خاموش آهن، رياستي ادارا اهو ڪندا ته  شهرين کي چورن ۽ ڌاڙيلن کان ڪير بچائيندو؟عدالت ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي آءِ بي ۽ ڊي جي ايم آءِ تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته يونيفارم جو وقار بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي.عدالت چيو ته آءِ جي کي ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ ڪو اغوا ٿيو ته ان خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويندي، سڄي دنيا ڏسي رهي آهي، هتي سمورن ملڪن جا سفارتخانا آهن، ڏسندا ته اهي ڪهڙي  راڄڌاني ۾ رهن ٿا؟جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم هجي ها ته ڏسي ها ته هتي ڪيئن ڪم ٿي رهيو آهي، اهي بغير وارنٽ ماڻهن جي گهرن ۾ داخل ٿين ٿا، جيڪڏهن اسلام آباد مان ڪو ماڻهو اغوا ٿيو ته آءِ جي ۽ گهرو سيڪريٽري خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته جڏهن اسان آئين جي ڳالهه ڪندا آهيون ته هاڻي سڀ کلندا آهن، سياسي حڪومت هجي يا نئين ايندڙ حڪومت هجي، ان جو جواب ڪميٽي کي ڏيڻو آهي، اسان آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي جي ڊي جيز تي مشتمل ڪميٽي بڻائي ڇڏيون ٿا، ڇا بچاءَ واري وزارت کي ان بابت ڪجهه چوڻو آهي؟ ؟ مهرباني ڪري اسان کي خدشن کان ٻڌايو.جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته نگران وزيراعظم ڪراچي نه وڃي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ اچي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل بلوچ شاگردن بابت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 28 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.