اليڪشن تي ضايع ٿيندڙ قومي سرمائي جو احتساب ڪير ڪندو: سراج الحق

اسلام آباد (م ڊ) جماعت اسلامي جي مرڪزي مجلس شوريٰ سراج الحق جي استعيفيٰ رد ڪري ڇڏي آهي. جماعت اسلامي جي ترجمان قيصر  شريف طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جماعت اسلامي جي مرڪزي مجلس شوريٰ اتفاق راءِ سان سراج الحق جي جماعت امير جي عهدي تان استعيفيٰ رد ڪئي آهي. قيصر شريف چيو ته مرڪزي مجلس شوريٰ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته امير جماعت آئين موجب پنهنجو فرض نڀائيندو رهندو.ٻئي پاسي  امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق چيو آهي ته چونڊن جي سموري مشق هڪ مذاق بڻجي وئي آهي، اليڪشن تي قومي خزاني مان 50 ارب رپيا ضايع ڪيا ويا، هاڻي اليڪشن تي ضايع ٿيندڙ قومي سرمائي جو احتساب ڪير ڪندو. هڪ بيان ۾ سراج الحق چيو ته ملڪ ۾ هن وقت تائين 12 عام چونڊون ٿي چڪيون آهن، 70 واري ڏهاڪي کان منظم ڌانڌلي ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ ڪرپشن ٿي آهي پر تاريخ مان ڪو به سبق نه سکيو ويو آهي. هن چيو ته ووٽ جي تقدس جي بحالي تائين جدوجهد جاري رهندي ۽ دھاندلي کي بي نقاب ڪرڻ تائين پرامن عوامي احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.