پي ٽي آءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر علي خان ڪمشنر راولپنڊي جي لڳايل الزامن ۽ دعوائن جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.بئرسٽر گوهر علي خان پنهنجي بيان ۾ چيو ته فارم 45  موجب اسان مختلف تڪن تان کٽي رهيا هئاسين بعد ۾ فارم 47 ۾ اسان کي هارايو ويوهن چيو ته ڪمشنر راولپنڊي لياقت چٺا پاران ڪيل دعوائون ۽ الزام سنگين آهن، انهن جي فوري طور جاچ ڪرائي وڃي

  • لياقت چٺا جا حمزا شهباز سميت ليگي اڳواڻن سان به ويجها لاڳاپا

اسلام آباد(م ڊ)حساس ادارن طرفان راولپنڊي جي اڳوڻي ڪمشنر لياقت علي چٺا بابت ابتدائي رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي.رپورٽ موجب اڳوڻو ڪمشنر راولپنڊي 2013ع کان 2018ع تائين اهم سرڪاري عهدن تي مقرر ٿيو، لياقت علي چٺا کي ڊپٽي ڪمشنر فيصل آباد به مقرر ڪيو ويو.لياقت علي چٺا جا پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير حمزا شهباز سان ويجها لاڳاپا آهن، سندس ڀيڻوئي بشارت چٺا جو تعلق مسلم ليگ ن سان آهي، ٻيو ڀيڻويو شعيب حيات به اڳوڻي ايم پي اي مامون جعفر تارڙ جو ويجهو دوست آهي. جڏهن ته ٽيون ڀيڻويو نصرالله خان لاهور پوليس ۾ انسپيڪٽر طور مقرر آهي،لياقت علي جي اڳوڻي ايم اين اي سائره افضل تارڙ جي خاندان سان به لاڳاپا آهن،رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته لياقت علي چٺا جي دور ۾ سروس ڪرپشن يا مالي بي ضابطگين جو ڪو به رڪارڊ ناهي، اڳوڻو ڪمشنر راولپنڊي ذهني ۽ جسماني طور مضبوط شخص آهي.

  • ن ليگ وفاقي حڪومت تان هٿ کڻي وئي، سعد رفيق جي تصديق

لاهور (م ڊ) مسلم ليگ ن جي وفاقي حڪومت تان هٿ کڻڻ واري خبر جي تصديق پارٽي جي سينيئر اڳواڻ خواجا سعد رفيق جي هڪ پوسٽ مان به ٿي آهي،  سعد رفيق پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) کي ڪا به خواهش ناهي ته پنهنجي مٿي تي ڪنڊن جو تاج سجائي. خواجا سعد رفيق سياستدانن کي ياد ڏياريو آهي ته وفاقي حڪومت جوڙڻ رڳو سندس پارٽي نه پر پارليامينٽ ۾ موجود سمورين سياسي پارٽين جي گڏيل ذميواري آهي ٻئي پاسي ان خبر جي سچائي ان ڪري به مضبوط ٿي وئي آهي ته حڪومت سازي جي معاملي تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪوآرڊينيشن ڪميٽين جو اجلاس ڇنڇر تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. ان اهم اجلاس ۾ حڪومت سازي جي معاملن کي حتمي شڪل ڏيڻي هئي. ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ خواجا سعد رفيق پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته موجوده قومي اسيمبلي ۾ ڪنهن کي به واضح اڪثريت ناهي. وفاقي حڪومت جو قيام پارليامينٽ ۾ موجود سمورين پارٽين جي گڏيل ذميواري آهي.

  • پاڻمرادو نوٽيس يا درخواست تي ٻڌڻي؟ سپريم ڪورٽ ۾ صلاح مشورا

اسلام آباد (م ڊ )2024ع جي عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي واري معاملي تي سپريم ڪورٽ سرگرم ٿي وئي. ذريعن موجب، پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي يا ڌانڌلي تي آئيني درخواست جي ٻڌڻي ڪئي وڃي؟ مشاورت جاري آهي ۽ اها صلاح سپريم ڪورٽ جي پنجن ججن وچ ۾ ٿي رهي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته موجوده صورتحال تي مشاورت چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي چيمبر ۾ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس عائشه اي ملڪ ۽ جسٽس اطهر من الله شامل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته مشاورت کانپوءِ نوٽيس وٺڻ يا نه وٺڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويندو.

  • خاور مانيڪا،اعظم خان، ارشد ملڪ جا به ضمير جاڳيا هئا؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) صحافي امير عباس ٽوئيٽر تي لکيو آهي خاور مانيڪا ڳالهائي ته ضمير جاڳي چڪو آهي، عون چوڌري عدت ڪيس ۾ شاهد بڻجي ته ضمير جاڳيو، اعظم خان کي هڪ مهينو  کنيو ويو ته پوءِ ضمير جاڳيو، جج ارشد ملڪ ڳالهائي ته ضمير جاڳي چڪو آهي. عثمان ڊار ۽ صداقت عباسي کي انٽرويو ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو ته ضمير جاڳي پيو آهي، جيڪڏهن ماڻهن کي عمران خان خلاف بيان ڏيڻ تي مجبور ڪيو وڃي، پريس ڪانفرنسون ڪيون وڃن ۽ پارٽي کي تباهه ڪيو وڃي ته پوءِ ضمير جاڳي چڪو آهي. انهن سڀني جو ضمير جاڳي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن ڪمشنر پنهنجي ڏوهه جو اقرار ڪري رهيو آهي ته ڪجهه بي شرم ماڻهو سندس ضمير تي شڪ ڇو پيا ڪن؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.