نواز ليگ پاران سينئر صحافي حامد مير جي ڪردارڪشي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)نواز ليگ پاران سوشل ميڊيا تي سينئر صحافي حامد مير جي تصوير سان ملڪ رياض جي تصوير هڻي سندس ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي،جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان ٽوئيٽر تي لکيو ته  افسوسناڪ!رانا صاحب(راڻا ثناءُ الله)!حامد مير سان صحافي طور توهان  هزار اختلاف ڪري سگهو ٿا،پر هو هڪ بازاري جنس ناهي، هو انساني حقن، جمهوريت، سول بالادستي، ميڊيا جي آزادي، ڪشمير ۽ ٻين قومي مفادن ۽ غير جمهوري قوتن، رياستي ۽ غير رياستي قوتن،مافيا خلاف جهڙي ريت ڄمي بيٺل آهي، اداڪار، مافيا، اهو ڪو فرد ته ڇا  سموريون سياسي پارٽيون به نه ڪري سگهيون آهن مون کي ان الزام کان ڏک پهتو،واضح رهي ته حامد مير هڪ رپورٽ جو حوالو ڏنو هو جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته ڪمشنر راولپنڊي ۽سندس خاندان جي ڪيترن ئي ماڻهن جو نواز ليگ سان تعلق آهي،هن لکيو ته اها برسات جي پهرين ڦڙي آهي، اڇا وڌيڪ برسات پوندي، ڪمشنر راولپنڊي وٽ گهڻا ثبوت آهن، هن وٽ جيڪي پيغام آيل آهن اهي اليڪشن ڪمشنر جا نه بلڪه ڪنهن ٻئي جا آهن، نواز ليگ لکيو ته حامد مير پاران حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ دماغ چڪرائڻ برابر آهي، لياقت چٺا جي پي ٽي آءِ ۽ ملڪ رياض سان واسطن جا واضح ثبوت آهن،حامد مير ان کي ن ليگ سان ڳنڍي رهيو آهي، اهو صحافي وڪامجي ويو آهي،سينئر صحافي امداد سومري به ٽوئيٽر تي لکيو ته استعيفيٰ ڏيندڙ ڪمشنر لياقت چٺا حامد ناصر چٺا ۽ احمد چٺا جو ويجهن مائٽن مان چيو وڃي ٿو، حقيقت اها آهي ته لياقت چٺا پنهنجي دور ۾ مسلم ليگ (ن) جي قيادت جي ويجهو رهيو ۽ انهن جي حڪومتن ۾ اهم عهدن تي رهيو.لياقت چٺا جو حامد ناصر چٺا خاندان سان واسطو ناهي.نواز ليگ پاران اينڪر مهر بخاري تي به وڪرو ٿيڻ جا الزام هنيا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.