لاهور (م ڊ) ايڇ آر سي پي پاران 8 فيبروري تي ٿيل چونڊ عمل جي شفافيت تي سوال اٿاريا ويا آهن. ايڇ آر سي پي جي چونڊ مبصرن 51 تڪن ۾ چونڊ عمل جو جائزو ورتو. انهن مبصرن جون رپورٽون ظاهر ڪن ٿيون ته سڄي ملڪ ۾ پولنگ واري ڏينهن انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروسز جي بندش ۽ پولنگ جي معاملن ۾ بي ترتيبي تبديلين ووٽرن جي لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪيون آهن، خاص ڪري معذور ماڻهن، بزرگن، گهٽ آمدني وارن ماڻهن ۽ عورتن جي پولنگ اسٽيشنن تائين پهچ کي متاثر ڪيو. ريٽرننگ آفيسرن پاران چونڊ نتيجن جي اعلان ۾ گهڻي دير تي خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مجموعي طور تي پولنگ جو عمل شفاف ۽ پرامن رهيو. پولنگ عملو چڱي ريت تيار ۽ مناسب سامان سان گڏ هو. لڳ ڀڳ سڀني ڪيسن ۾، پولنگ ايجنٽن ۽ اميدوارن کي پولنگ کان اڳ خالي بيلٽ باڪس ڏيکاريا ويا ۽ پرزائيڊنگ آفيسر هر بيلٽ پيپر کي ووٽ ڏيڻ کان اڳ ان جي پٺيان مهر لڳائي ۽ صحيون ڪيون. ايڇ آر سي پي جر رپورٽ موجب پولنگ کانپوءِ وارو عمل مڪمل طور غير اطمينان بخش هو. جن پولنگ اسٽيشنن جو جائزو روتو، انهن مان هر پنجين ۾، پرزائيڊنگ آفيسر ووٽن جي ڳڻپ جو بيان نمايان جڳهه تي نه لڳايو هو يا نتيجن جي تصوير ريٽرننگ آفيسر ۽ اليڪشن ڪميشن کي نه موڪلي. ڪيترن ئي ڪيسن ۾ اهو به الزام لڳايو ويو ته ريٽرننگ آفيسر جي اعلان ۽ پرزائيڊنگ آفيسر جي ڳڻپ ۾ هڪجهڙائي نه آهي. پريشان ڪندڙ ڳالهه اها به آهي ته اميدوارن، پولنگ ايجنٽن ۽ مبصرن کي عبوري نتيجن جي تياري جي عمل جي ڇنڊڇاڻ جي اجازت نه ڏني وئي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) کي اليڪشن ايڪٽ 2017 موجب فارم 45، 46، 48 ۽ 49 شايع ڪرڻ گهرجن. ڪاوڙيل سياسي پارٽين يا اميدوارن کان درخواستون ملڻ تي اليڪشن ڪميشن کي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏيڻ گهرجي خاص طور تي انهن حالتن ۾ جتي ووٽن جو مارجن گهٽ هجي ۽ جتي رد ٿيل ووٽن جو انگ فتح جي مارجن کان وڌيڪ هجي. 2024ع جي چونڊن جي شفافيت کي نه رڳو اليڪشن ڪميشن ۾ اهليت جي کوٽ، پر غير جمهوري حلقن جي مسلسل دٻاءَ ۽ نگران حڪومت جي سواليه فيصلن جي ڪري به نقصان پهچايو ويو آهي، جن جو گذريل سال ايڇ آر سي پي بار بار اشارو ڪيو هو. ھاڻي اھو ضروري آھي ته سڀني ڌرين لاءِ گڏيل طور تي پائيدار، بامقصد ۽ جامع سياسي گفتگو ذريعي شھري خودمختاري کي برقرار رکڻ ۽ تحفظ ڏيڻ گھرجي. حقيقت ۾ انهن چونڊن جو سڀ کان وڏو نقصان ڪنهن فرد يا سياسي پارٽيءَ کي نه پر جمهوري قدرن، قانون جي بالادستي ۽ عام ماڻهن جي امنگ کي پهتو آهي.