اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي باني عمران خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ اقتدار ۾ اچي فتح مڪي جي ماڊل تي عمل ڪندي، انتقام نه پر پاڪستان کي سياسي استحڪام ۽ ترقي ڏانهن وٺي ويندي.پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان ايڪس اينڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات ٿي، ملاقات ۾ سردار لطيف کوسو ۽ محمد عامر ڊوگر به موجود هئا.هن وڌيڪ چيو ته سردار لطيف کوسي خان صاحب کي چيو ته لاهور جي سندس کٽيل سيٽ خان صاحب جي امانت آهي، جنهن تي خان صاحب چيو ته نه، هو ميانوالي جي سيٽ تي ايندو.هن چيو ته خان صاحب نيلسن منڊيلا جي ”سچ ۽ مفاهمت“ جو به حوالو ڏنو ته ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ سچائي، معافي ۽ درگزر جي طرف وڃڻو پوندو، پي ٽي آءِ جي اقتدار ۾ اچڻ انتقام ناهي، سياسي استحڪام ۽ پاڪستان کي ترقي طرف وٺي وينداسين،هن چيو ته عمران خان کيس اقليتن ۽ عورتن جون سيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ سياسي جماعتن سان ڳالهيون ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، هن واضح هدايتون ڏنيون آهن ته ڪهڙين ڪهڙين جماعتن سان ويهي توهان ڳالهيون ڪريو، جنهن سان ڳالهه ٿئي ٿي ان جماعت ۾ عارضي طور شامل ٿي پنهنجون سيٽون بحال ڪريو،هن چيو ته عمران خان اها به هدايت ڏني آهي ته انٽرا پارٽي چونڊون جلد کان جلد منعقد ڪرايون وڃن، هن چيو ته ڪمشنر راولپنڊي اعتراف ڪيو آهي ته تحريڪ انصاف جو مينڊيٽ ڪنهن ٻئي کي ڏنو ويو آهي،