سلمان اڪرام راجا ڪهڙي حيثيت سان آر او آفيس ويو: عون چوڌري

اسلام آباد (م ڊ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ عون چوڌري چيو آهي ته مان اين اي 128 لاهور مان ڪامياب ٿيو آهيان، سلمان اڪرم راجا ڪهڙي حيثيت ۾ آر او آفيس ويو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عون چوڌري چيو ته سلمان اڪرم راجا 70 وڪيلن سان گڏ آر او آفيس جو گهيراءُ ڪيو، کيس وڪيل ۽ ڪٽنب سميت آر او آفيس وڃڻ جي اجازت ڪيئن ملي. هن چيو ته مون کي 9 فيبروري تي منهنجي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن مليو، سلمان اڪرم راجا منهنجي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن چيئلنج ڪيو، لاهور هاءِ ڪورٽ معاملو اليڪشن ڪميشن تي ڇڏي ڏنو، وڪيل برادري اسان لاءِ تمام گهڻي عزت واري آهي. عون چوڌري چيو ته اسان کي قانون جي دائري ۾ رهڻو آهي، سلمان اڪرم راجا جي ماڻهن ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن تي تشدد ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.