ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته بلوچستان جو نئون وڏو وزير هر صورت ۾ هڪ جيالو ئي هوندو.
ذريعن موجب، آصف زرداري جي صدارت هيٺ پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت جو بلوچستان جي نئين چونڊيل اسميبلي بابت مشاورتي اجلاس زرداري هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ بلوچستان جي نون چونڊجي آيل ايم پي ايز ۽ سينيئر قيادت شرڪت ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ بلوچستان ۾ حڪومت سازي لاءِ مختلف آپشنز تي غور ڪيو ويو.
ذريعن موجب، اجلاس دوران آصف علي زرداري چيو ته بلوچستان ۾ نئون وڏو وزير هر صورت ۾ هڪ جيالو ئي هوندو.
ٻئي پاسي پ پ بلوچستان اتحادي حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڳالهين جو اختيار آصف زرداري کي ڏئي ڇڏيو آهي.
You might also like