مولانا فضل الرحمان ۽ پي ٽي آءِ وفد جي ملاقات اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي ٿي

ڪراچي (تجزيو: عدنان هاشمي) عمران خان سان جيل ۾ اعليٰ فوجي عهديدارن جي ملاقات جي خبر پکڙي ته مختلف طبقن طرفان ان جي ترديد ڪئي وئي. ڪجهه اسٽيبلشمينٽ جي مختلف آفيسرن جو ذڪر ڪندا آهن پر منهنجي ذريعن موجب ملاقات اعليٰ اداري جي هاءِ ڪمان جي ڊي جي جي سربراهي ۾ ٿي ۽ هو اڃا تائين پنهنجي ڳالهه تي قائم آهي.جيئن ئي اها ملاقات ٿي ته سياسي منظرنامو به تبديل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. تحريڪ انصاف جي وفد جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ميڊيا تي ڇانيل رهي. هن ملاقات جو ٿيڻ ۽ مولانا فضل الرحمان جو ائين اوچتو سامهون اچي جنگ جو اعلان ڪرڻ اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي ئي ٿيو آهي. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پير پاڳارو صاحب به ڌرڻي جي سياست ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ اچي چڪو آهي. منهنجي ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ ڏينهن اهڙو ايندو، جڏهن هي ٻئي ڌريون پاڻ ان خبر جي تصديق ڪنديون. نتيجن کي تسليم نه ڪرڻ جو مطلب اهو بلڪل ناهي ته ٻيهر چونڊون ٿيڻ وڃي رهيون آهن. ته آرام سان ويهو ۽ تماشي مان مزو وٺو. پرويز مشرف سان سياستدانن جي جڳ مشهور تصوير هاڻي به انٽرنيٽ تي موجود هوندي، جنهن ۾ پرويز مشرف جي ڀرپاسي ۾ جماعت اسلامي جو مرحوم قاضي حسين احمد،  عمران خان ۽ مولانا فضل الرحمان بيٺا آهن. هن ميٽنگ ۾ شريڪ هڪ فرد جو چوڻ آهي ته سڄي ملاقات دوران سڀ سياستدان پرويز مشرف جي خوشامد ايتري وڌيڪ ڪري رهيا هئا جو ٻڌائڻ جوڳي ناهي. جيڪڏهن هاڻي به مارشل لا لڳي ويو ته سڀ جمهوريت جا دعويدار سياستدان پراڻي پگهار تي ڪم ڪرڻ لڳي ويندا. ته ڇا اهو اتفاق ناهي ته هاڻي به ساڳيا چهرا يا پارٽيون لفظي گولاباري کانپوءِ هڪ ئي قطار ۾ بيٺل نظر اچي رهيا آهن. صحافي انصار عباسي جنرل باجوا جي ويجهن ذريعن جي حوالي سان خبر ڏني ته باجوا صاحب جي مولانا سان ٻه ڀيرا ملاقات ٿي هئي. هڪ ملاقات ان وقت ٿي جڏهن مولانا عمران خان خلاف لانگ مارچ ڪري رهيو هو ۽ ٻي ملاقات 26 مارچ 2022 تي ٻين ڪيترن ئي اپوزيشن اڳواڻن جي موجودگي ۾ ٿي هئي، جن ۾ شهباز شريف، بلاول ڀٽو، اختر مينگل، شاهه زين بگٽي ۽ خالد مقبول صديقي به موجود هئا. منهنجي ذريعن موجب هي ته اهي ملاقاتون آهن، جيڪي سرڪاري چورائينديون آهن، انهن ملاقاتن جو به ذڪر ڪريو جيڪي مختلف وقتن ۾ ٿينديون رهيون. جنرل فيض ڪور ڪمانڊر پشاور هجڻ باوجود اهڙيون ملاقاتون ڪندو رهيو. مشرف دور ۾ به ڪور ڪمانڊرز ئي سڀ ڪجهه طئي ڪندا هئا. مولانا فضل الرحمان ته پنهنجي ڳالهه تان پوئتي هٽي چڪو آهي پر هن جيڪو پهريون بيان ڏنو هو اهو درست هو. ذريعن موجب اسلام آباد جي چڪ شهزاد ۾ واقع ڊاڪٽر توقير شاهه جي فارم هائوس ۾ جنرل باوجوا ۽ جنرل فيض انهن سڀني سياستدانن سان مليا هئا. ان وقت جنرل نديم انجم ڪراچي ۾ اهم غير سياسي ۽ قومي مشن تي رڌل هو، جڏهن ته جنرل عاصم منير سعودي عرب ۾ هو. هاڻي خبر ناهي ڇو هن جنرل فيض جو نالو واپس وٺي هاڻوڪي ڊي جي جو نالو ورتو آهي، جنهن جي وقت اچڻ تي خبر پوندي. هاڻوڪي ڊي جي آءِ جو نالو چينل ڪٽي ڇڏيو هو، جنهن کي مولانا فضل الرحمان جي ٽيم جاري ڪري ڇڏيو. جنرل فيض ڪڏهن به عمران خان جي حمايت ۾ جنرل باجوا خلاف نه ويو. ذريعن موجب سيڪيورٽي کاتي جي سيڪنڊ گروپ پاڻ جنرل باجوا کي چيو ته عمران خان مان جان ڇڏايو ملڪ ڊيفالٽ ٿيڻ جي ويجهو آهي، جنهن بعد بي اعتمادي رٿ آندي وئي. ان دوران سنڌ هائوس ۾ اسيمبلي ميمبر جو تماشو لڳل رهيو ته ڇا پورو کاتو انڌو، ٻوڙو هو؟ کين ڪا رپورٽ نه هئي؟ ائين بلڪل ناهي. جنرل فيض ۽ جنرل باجوا سدائين هڪ پيج تي رهيا. جڏهن عمران خان جنرل باجوا کي هٽائي جنرل فيض کي آرمي چيف بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ته اهو جنرل فيض ئي هو، جنهن جنرل باجوا کي ان معاملي جو اطلاع ڏنو، جنهن بعد ئي رات جي وقت سپريم ڪورٽ کولرائي ۽ قيدي وين به بيهاري وئي. اها به هقيقت آهي ته هڪ اعليٰ عهديدار پنهنجي ساٿين سميت وزيراعظم هائوس ۾ ويو ۽ ان دوران جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ٻڌائڻ جوڳو ناهي. اسد قيصر به ان وقت موجود هو، جتي کيس ”سٺو“ بڻجڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ هو  ڏڪندو سهڪندو اسيمبلي هال پهتو ۽ ان ئي دوران صحافي کي گار به ڏئي ويٺو. پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ يعنيٰ پي ڊي ايم جو قيام به اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي ٿيو هو. جڏهن کين لڳو ته وقت اچي ويو آهي وڏي فيصلي جو ته پوءِ پي ڊي ايم کي سگنل ڏنو ويو ۽ عمران خان خلاف ڪامياب بي اعتمادي رٿ آندي وئي. عمران خان جي چوڻ تي پيپلزپارٽي کي پي ڊي ايم کان ڌار ڪري عمران خان کي وڌيڪ موقعو ڏنو ويو پر هو ان ۾ خراب نموني ناڪام رهيو.

نوٽ: هيءَ تجزيو روزاني عوامي آواز ڇنڇر 17 فيبروي 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.