وشنگٽن (م ڊ) سڄي دنيا ۾ جمهوري نظام جو جائزو وٺندڙ عالمي اداري پنهنجي تازي رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ رائج حڪمراني کي ”آمراڻو “ قرار ڏنو آهي. عالمي جرنل ”دي اڪانومسٽ“ جي انٽيليجنس يونٽ جي ”ڊيموڪريسي انڊيڪس 2023“ جي رپورٽ ۾ پاڪستان سميت دنيا جي 150 کان وڌيڪ ملڪن ۾ رائج حڪومتي نظام جو جائزو ورتو ويو آهي. گذريل سال ”دي اڪانومسٽ“ جي رپورٽ ۾ پاڪستان جمهوريت ۾ 105 هين نمبر تي هو ۽ هتي قائم حڪومت کي ”هائبرڊ“ نظام حڪومت قرار ڏنو ويو هو. تازي رپورٽ ۾ پاڪستان جي رينڪنگ ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي ۽ هاڻ پاڪستان گڏيل قومن ۾ گذريل سال جي رينڪنگ ۾ 11 درجا هيٺ لهي 118 هين نمبر تي اچي ويو آهي. گذريل سال ڊيموڪريسي انڊيڪس ۾ پاڪستان جو اسڪور4.13 هو، جيڪو هن سال گهٽجي 3.25 ٿي ويو آهي. ان رپورٽ ۾ آمريڪا، ڀارت، برازيل ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن کي ’فلاڊ جمهوريت‘ قرار ڏنو ويو آهي. فلاڊ جمهوريت مان مراد اهڙو نظام آهي جتي چونڊون صاف ۽ شفاف هجن پر موجوده جمهوري نظام ۾ ميڊيا تي دٻاءُ، نظام ۾ ڪمزوريون ۽ سياسي نظام ۾ عوام جي عدم دلچسپي جهڙا مسئلا هجن. ھن لسٽ ۾ ھندستان 41 نمبر تي آھي. دي اڪناميسٽ رينڪنگ ناروي، نيوزي لينڊ ۽ آئس لينڊ کي مڪمل جمهوري ملڪن جي فهرست ۾ مٿي رکيو آهي. واضح رهي ته رپورٽ جي تياري ۾ شهري آزادي، چونڊ نظام ۽ سياسي ڪلچر توڙي مختلف سوچ رکندڙ ماڻهن جي شرڪت جي گنجائش جهڙن عنصرن جو جائزو ورتو ويو آهي. ان رپورٽ تي پاڪستاني حڪومت طرفان اڃا تائين ڪو به باضابطه ردعمل سامهون نه آيو آهي.