ڪوئيٽا (پ ر) مظلوم قومن کي رياستي جبر خلاف اجتماعي جدوجهد ڪرڻي پوندي. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر ماهرنگ بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جبري گمشدگين جي باوجود هدايت لوهار جو انساني حقن جي دفاع لاءِ عزم اسان سڀني لاءِ مشعل راهه آهي. وائس فار مسنگ پرسنز آف سنڌ جي اڳواڻ سورٺ لوهار ۽ سسئي لوهار جي والد هدايت لوهار جو قتل هڪ وحشياڻو عمل آهي. هو هڪ ممتاز اڳواڻ، انسانيت لاءِ همدردي رکندڙ قومي شخصيت هو. هن چيو ته جبري گمشدگين جي باوجود هدايت لوهار جو انساني حقن جي دفاع لاءِ زندگي وقف ڪرڻ اسان سڀني لاءِ پيغام آهي، ان ڏوهه جي ذميوارن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. ڊاڪٽر ماهرنگ بلوچ وڌيڪ چيو ته سنڌي، بلوچ ۽ ٻين مظلوم قومن کي گڏجي ظلم خلاف جدوجهد ڪرڻي آهي.