تاج جويو ۽ ٻيا پهتا، ايف آءِ آر لاءِ پوليس جون ڳالهيون

نصيرآباد : نصيرآباد ۾ نا معلوم ھٿيار بندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل پرائمري استاد ھدايت ﷲ لوھار جي قاتلن جي گرفتاري خلاف ڊگري  ڪاليج وٽان لڳل ڌرڻو جاري آهي، ڌرڻي ۾ وائيس آف مسنگ پرسن جي اڳواڻن تاج جويو، سارنگ جويو، سھڻي جويو، سنڌو امان سميت مختلف اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي آهي، ڌرڻي واري هنڌ ايس ايڇ او نصيرآباد، ڊي ايس پي نصيرآباد مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز مقتول جي وارثن سان ڳالھيون ڪيون جن ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته مقتول ھدايت ﷲ لوھار جو پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش واپس ڌرڻي واري هنڌ آندو ويندو جنھن بعد وارثن جي مرضيءَ سان ايف آئي آر به ڌرڻي واري هنڌ ايف آئي آر بوڪ آڻي داخل ڪئي ويندي، جنھن کانپوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويندو، ھن وقت مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ رورل ھيلٿ سينٽر نصيرآباد نيو ويو آهي، جڏھن ته ڌرڻو جيئن جو تيئن جاري آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.