”فضل الرحمان حقيقتون درست ڪري“ باجوا ۽ فيض حميد الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( م ڊ) اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا ۽ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد واضح لفظن ۾ مولانا فضل الرحمان جي بيان جي ترديد ڪئي آهي. هڪ رپورٽ موجب، اڳوڻي آرمي چيف ۽ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي ويجهن ذريعن مولانا فضل الرحمان جي بيان جي ترديد ڪندي چيو آهي ته جَي يو آءِ سربراهه کي گهرجي ته هو پهريان حقيقتون درست ڪري ڇو ته جنرل فيض حميد بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ کان ڪيئي مهينا اڳ آءِ ايس آءِ ڇڏي چڪو هو. ذريعن موجب، مولانا صاحب اِهو وساري ويٺو آهي ته جنهن وقت عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ آندي وئي ان وقت جنرل فيض ڪور ڪمانڊر پشاور طور فرض انجام ڏئي رهيو، جنرل فيض حميد نومبر 2021 ۾ اسلام آباد ڇڏي چڪو هو. جنرل باجوا جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي آرمي چيف جي مولانا سان ٻه ڀيرا ملاقات ٿي هئي. پهرين ملاقات ان وقت ٿي هئي جڏهن مولانا عمران خان خلاف لانگ مارچ ڪري رهيو هو، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان سان ٻي ملاقات 26 مارچ 2022ع تي ٻين اپوزيشن اڳواڻن جي موجودگي ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ شهباز شريف، بلاول ڀٽو، اختر مينگل، شاهه زين بگٽي ۽ ٻيا موجود هئا، ان ملاقات ۾ هڪ اهم جنرل پڻ شامل هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي فوجي جرنيلن اپوزيشن پارٽين سان ان وقت جي وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي ملاقات ڪئي هئي ڇو ته هو چاهي پيو ته سندس خلاف بي اعتمادي رٿ واپس ورتي وڃي. رپورٽ ۾ باجوا جي ويجهن ذريعن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ويو آهي ته ٻنهي جرنيلن اپوزيشن اڳواڻن تي زور رکيو ته عمران خان کي پنهنجو مدو مڪمل ڪرڻ ڏنو وڃي، جڏهن اپوزيشن اڳواڻن ڪنهن به قسم جي نرمي نه ڏيکاري ته کين چيو ويو ته بي اعتمادي واري رٿ واپس ورتي وڃي ۽ ان جي عيوض عمران خان چونڊن جو اعلان ڪندو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو هو ته پي ٽي آءِ خلاف بي اعتمادي رٿ جنرل (ر) باجوا جي چوڻ تي آندي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.