ٽنڊي محمد خان ۾ قومپرست اڳواڻ هدايت لوهار جي قتل خلاف ريلي

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: اويس حيدر شورو)ٽنڊي محمد خان ۾ جسقم جي ڪارڪنن نصيرآباد جي ڪاٺيا پاڙي ۾ قتل ٿي ويل قومپرست اڳواڻ پرائمري استاد هدايت لوهار جي نامعلوم هٿياربندن هٿان ڪيل قتل واري واقعي  خلاف مين بس اسٽاپ کان جسقم اڳواڻ عبدالخالق خاصخيلي، شاھه فهد ڀٽي، سڪندر سنڌي ، عبدالرزاق ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍي ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته نصيرآباد جي ڪاٺيا پاڙي ۾ قومپرست تحريڪ جي اڳواڻ ۽ پرائمري استاد هدايت لوهار کي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي جنهن کي اڳ کنڀي کڻي گم ڪري کيس اڍائي سال سخت تشدد جو نشانو بڻائي نامعلوم هنڌ رکيو ويو هو جنهن جي بعد سندس خلاف ڪو به ڏوھه جو ڪو به ثبوت نه ملڻ تي کيس ڇڏيو ويو هو هاڻي وري کيس اسڪول جي ڊيوٽي تي ويندي بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري سندس قتل ۾ ملوث قاتلن کي فوري طور بي نقاب ڪري گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هاڻي سڄي سنڌ اندر سخت احتجاج جاري رهندو . احتجاج ۾ اڳواڻن قتل جي واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو پڻ مطالبو ڪيو آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.