جماعت اسلامي پاران جي ڊي اي ڌرڻي جي حمايت جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ حيدرآباد ۾ جي ڊي اي طرفان چونڊ ڌانڌلين خلاف جمعي تي لڳل ڌرڻي جي حمايت جو اعلان  ڪندي چيو آهي ته 08 فيبروري جي چونڊن ۾ ٿيندڙ بدترين ڌانڌليءَ ماضي جا سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، جماعت اسلامي ظلم خلاف هر مظلوم سان گڏ بيٺل آهي، جي ڊي اي ڌرڻي ۾ ڪراچي جو امير حافظ نعيم الرحمن جماعت اسلامي جي نمائندگي ڪندو. جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسٽيبلشمنٽ جي سياست مان رول جي خاتمي کان سواءِ ملڪ ۾ ڪڏهن به صاف شفاف توڙي اڻ ڌريون چونڊون نٿيون ٿي سگهن، سموري سنڌ ڪراچي ۾ خاص طور جھڙي طرح 5نمبر تي ايندڙ پارٽي کي کٽائي جماعت اسلامي جي مينڊيٽ تي ڌاڙو ھنيو ويو آھي.تنھن اليڪشن ڪيمشن جي پت وائکي ڪري ڇڏي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.