ڪٽر مخالف جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ هڪ ٿي ويون، 8 فيبروري جا چونڊ نتيجا رد

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفد جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هاڻوڪي چونڊن ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وفد ووٽ ڏيڻ لاءِ حمايت جو مطالبو پڻ ڪيو. اسد قيصر جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ جي وفد اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ وفد جو استقبال ڪيو. ملاقات ۾ تازين چونڊن ۽ سياسي صورتحال  تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ تازين چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي سميت خدشن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن موجب ملاقات ۾ پي ٽي آءِ طرفان حڪومت سازي جي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پي ٽي آءِ به عمر ايوب کي وزارت عظميٰ جي اميدوار لاءِ حمايت طلب ڪري ورتي. حافظ حمد الله چيو ته پي ٽي آءِ جو وفد آيو، مولانا کين ڀليڪار ڪئي. هن ڳالهه  تي اتفاق آهي ته 8 فيبروري جو مينڊيٽ شفاف نه ڌانڌلي سٽيل آهي. چونڊون شفاف ناهن ٿيون. هن چيو ته هن چونڊن کي جي يو آءِ رد ڪري ٿي. بئريسٽر سيف چيو ته جي يو آءِ به چونڊن تي سوال اٿاريا آهن. پي ٽي آءِ باني جي هدايت تي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته هي چونڊون ڌانڌلي سٽيل آهن، عوام سان بدديانتي ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.