چونڊ ڌانڌلي خلاف جي ڊي اي جو ڄامشورو موٽروي تي اڄ ڌرڻو،قافلن جي آمد

ڄامشورو/حيدرآباد( رپورٽ: جبار ڪابورو + صدر الدين جوڻيجو ) جي ڊي اي طرفان اڄ لڳندڙ احتجاجي ڌرڻي جون تياريون مڪمل حر مجاهدن جا قافلا پهچڻ شروع ڌرڻي واري هنڌ ڀرسان ڪئمپون هڻي  ڇڏيون عورتون به شامل هر طرف ڀيڄ پاڳارا جا نعرا بلند تفصيل موجب: ڄامشورو ايم نائن موٽر وي تي اڄ جي ڊي اي جي لڳندڙ ڌرڻي واري هنڌ سانگهڙ، ڇاڇرو، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ سيوھڻ سميت سنڌ جي مختلف شھرن کان سيد صالح محمد شاھ، حاجي علي بخش خاصخيلي، منصور مهر، سردار ذوھيب خاصخيلي مير اعجاز ٽالپر، منٺار باگراڻي، گلزار باگراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هڪ ڏينهن اڳ ئي قافلا پهچڻ شروع ٿي ويا آهن احتجاجي ڌرڻي واري هنڌ پهتل حر مجاهدن عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته پوري ملڪ ۽ دنيا جا تجزيي نگار ۽ ميڊيا مڃي چڪي آهي ته پاڪستان ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ رڪارڊ ڌانڌلي ٿي آهي،  سنڌ جي نگران حڪومت، ڊي آر اوز، آر اوز، پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ اميدوارن جي حامين ٺپا هڻي من پسند اميدوارن کي کٽرايو، هوڏانهن جي ڊي اي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پير پاڳاري طرفان 16 فيبروري تي اعلانيل ڌرڻو هٽڙي بائي پاس بدران ڄامشوري ۾ سپر هاءِ وي حيدرآباد ڄامشورو بائي پاس تي هنيو ويندو. هن چيو ته اسان جو ڪم احتجاج ڪرڻ ۽ انتظاميا جو ڪم اسان جي حفاظت ڪرڻ آهي. ڌرڻي کي جي ڊي اي جا مرڪزي اڳواڻ پير پاڳارو، ڊاڪٽر صفدر عباسي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، سيد زين شاھ، اياز لطيف پليجو، ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ۽ معظم عباسي سميت ٻين مختلف پارٽين جا مرڪزي اڳواڻ خطاب ڪندا جڏهن ته احتجاجي ڌرڻي واري هنڌ اڳواٽ پهتل وڏي تعداد ۾ ماڻهن جي حفاظت لاء ضلعي انتطاميا ڪي به اپاءُ نظر نه آيا.ھوڏانھن ڄامشورو سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران جي ڊي اي طرفان ٿيندڙ احتجاج سبب يونيورسٽي جي ٽرانسپورٽ بند رکڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي،ٻئي پاسي گرينڊ ڊيموڪريڪٽڪ الائينس(جي ڊي اي) جي مرڪزي اڳواڻن ڊاڪٽر صفدر عباسي، سردار عبدالرحيم، ايازلطيف پليجو، حسنين مرزا، منير حيدر شاهه، روشن ٻرڙو ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته حيدرآباد ڪراچي سپرهاءِ وي تي سڀاڻي(اڄ) لڳندڙ ڌرڻو احتجاج جي شروعات آھي، سنڌ اسيمبلي جا ميمبر جنهن ڏينهن تي حلف کڻندا ان ڏينهن تي جي ڊي اي پاران اسيمبلي جي مک گيٽ سامهون ڌرڻو هنيو ويندو ۽ ڪنهن به اسيمبلي ميمبر کي ٻاهر نڪرڻ نه ڏنو ويندو، هي احتجاجي تحريڪ جاري رهندي. هن ڪنهن ڌر جو سڌو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ پيپلزپارٽي کي ڪامياب ڪرائڻو هو ته پوءِ چونڊن جو ڊرامو ڇو ڪيو ويو، هن چيو ته هاڻ ڳالھه برداشت کان چڙھي وئي آھي، موجوده حالتن ۾ جمهوريت پسند ڌرين جو صبر جواب ڏئي چڪو آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته ظلم جي حد اها آھي ته جي ڊي اي اميدوار سائره بانو سوا لک ووٽ کڻڻ باوجود هارائي وئي، ٻن سيٽن کانسواءِ ڪنهن به سيٽ تي جي ڊي اي جو ڪو به اميدوار ڪامياب نه ٿيو، پ پ سنڌ ۾ اهڙي ڪهڙي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي جو شھيد محترمه بينظير ڀٽو واري واقعي کانپوءِ واري چونڊ کان به وڌيڪ هنن سيٽون کنيون آھن، هن مطالبو ڪيو ته تازو ٿيل عام چونڊون فوري طور ڪالعدم قرار ڏئي ملڪ ۾ نيون صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، ٻي صورت ۾ دمادم مست قلندر جو نعرو هڻنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.