ڪراچي (م ڊ ) اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته اڳ ئي چيو هو ڌيءُ وزير اعليٰ بڻبي ته پيءُ وزير اعظم نه ٿيندو، فضل الرحمان جارحاڻي ڳالهه ٻولهه ڪئي پر آصف زرداري کيس راضي ڪري وٺندو، فيصل واوڊا چيو ته جيل ويندڙ سياسي ليڊر هوندو آهي ته سڀئي ڏوهاري ليڊر آهن. فيصل واوڊا موجب سنڌ جي وڏي وزير جي مقابلي ۾ مراد علي شاهه، ناصر شاهه ۽ شرجيل ميمڻ شامل آهن، سڀني کي مفاهمت جي سياست ڪرڻ گهرجي سسٽم رهي ڪري ئي سسٽم کي تبديل ڪري سگهجي ٿو.