نگران سرڪار ويندي ويندي گئس سئو کان ٽي سئو رپين تائين مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ) نگران سرڪار ويندي ويندي گئس سئو کان ٽن سئو رپين تائين مهانگي ڪري ڇڏي آهي. گيس جي قيمتن ۾ 100 رپيا في ايم ايم بي ٽي ۽ غير محفوظ صارفين لاءِ 300 رپيا في ايم ايم بي ٽي واڌ جو امڪان آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي گذريل ڏينهن گيس جي اگهن ۾ واڌ جي  منظوري ڏني هئي جنهن ۾ تجويز ڏني وئي هئي ته قيمتن ۾ واڌ سان گهريلو ۽ ڪمرشل صارفين تي بار وڌندو. گيس جي قيمتن ۾ 100 رپيا في ايم ايم بي ٽي ۽ غير محفوظ صارفين لاءِ 300 رپيا في ايم ايم بي ٽي واڌ جو امڪان آهي. گيس جي قيمتن ۾ 100 رپيا في ايم ايم بي ٽي ۽ غير محفوظ صارفين لاءِ 300 رپيا في ايم ايم بي ٽي واڌ جو امڪان آهي. حڪومت آءِ ايم ايف جي شرط تي گيس جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.ان کان علاوه گريڊ 20 جي آفيسر خان نواز کي هيوي انڊسٽري ٽيڪسلا ۾ ميمبر فنانس طور ڀرتي ڪرڻ ۽ ٻٽي شهريت رکندڙ عرفان قادر ڀٽي جي ناروي حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.