عدت ڪيس فيصلو عورتن جي حقن خلاف رياستي ڏوھه آهي: شهزادي راءِ

ڪراچي ( رپورٽر) سول سوسائٽي طرفان ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران شهزادي راءِ جي اڳوڻي ۾ تحريڪ انصاف باني عمران خان خلاف عدت  جو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ڪيس ۾ سزا ڏيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي شهزادي راءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عدت جو ڪيس ۽ ان ۾ ٻڌايل سزا عالمي انساني ۽ عورتن جي حقن خلاف رياستي ڏوھه آهي. هن چيو ته ته سياسي مخالفت ۽ هڪڙي سياستدان خلاف عدت جو ڪيس داخل ڪرڻ مان ٻين سمورين سياسي پارٽين کي سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته اڳ ئي پاڪستان جو نالو انساني حقن جي حوالي سان بدنام ٿي چڪو آهي، ان لاءِ عدت ۽ ان جو ڪيس ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.