اسان کان بوٽ پالش ناهي ٿيندو، ڌانڌلي خلاف احتجاج ڪنداسين: شاهه زين بگٽي

اسلام آباد (م ڊ ) نوابزاده شاهه زين بگٽي ۽ گهرام بگٽي چيو آهي ته اسان غيرتمند ماڻهو آهيون، اسان کان بوٽ پالش ناهي ٿيندو، اسلام آباد   اسان جي ٻارن ۽ عورتن تي تشدد ڪيو ويو، پنهنجي دفاع ۾ اسان به تشدد ڪري سگهون پيا پر وڙهندو اهو ئي آهي جيڪو هارائيندو آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نوابزاده شاهه زين بگٽي ۽ گهرام بگٽي چيو ته بلوچ قوم مري سگهي ٿي غلامي قبول نه ڪندي، 15 تاريخ تي روڊ بند ڪنداسين، ڪنهن بندوق ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان به وڙهڻ ۽ مرڻ لاءِ تيار آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.