آمريڪا پاڪستان ۾ ڌانڌلي جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ۾ شفاف چونڊ عمل کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو آهي.وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪرين  جين پيئر چيو آهي ته خانگي ۽ عوامي رابطن ۾ پاڪستاني حڪومت ۽ سياستدان واضح ڪري چڪا آهن ته عوامي خواهشن جو احترام ۽ چونڊ عمل ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ تمام ضروري آهي.ترجمان جو چوڻ هو ته صدر جو بائيڊن پاڪستاني چونڊن جي نتيجن کان آگاهه آهي ۽ کيس خبر آهي ته لکين پاڪستاني جن ۾ عورتون ۽ نوجوان به شامل آهن پاڪستاني چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ ٻاهر آيا.وائيٽ هائوس جي ترجمان چيو ته آمريڪا کي هڪجهڙائي رکندڙ جمهوريتن سان گڏ بيهڻ تي فخر آهي.آمريڪي پرڏيهي ترجمان ميٿيو ملر چيو ته پاڪستان ۾ چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزام جي جاچ ٿيڻ گهرجي، گڏيل حڪومت پاڪستان جو اندريون معاملو آهي،ان جو فيصلو آمريڪا کي نه پاڪستان کي ڪرڻو آهي،رڳو پاڪستان نه پر دنيا ۾ جتي به ڌانڌلي ٿيندي آهي اتي جاچ جومطالبو ڪندا آهيون ان ڪري پاڪستان کان به چونڊ ڌانڌلي جي جاچ جو مطالبو ڪندا رهنداسين ،حڪومت بڻجڻ کانپوءِ ان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون،اسان پاڪستان کان ڌانڌلي جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.