ن ليگ وانگر پ پ کي به قيمت ادا ڪرڻي پوندي: عرفان صديقي

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته جيڪڏهن مسلم ليگ ن عوام جي خوشحالي لاءِ قيمت ادا ڪندي ته پوءِ پيپلز پارٽي کي به قيمت ادا ڪرڻي پوندي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ عرفان صديقي چيو ته اهو نٿو ٿي سگهي ته پ پ اسان کي وزيراعظم  جي ڪرسي تي ويهاري هيٺان ڏاڪڻ ڪڍي ڇڏي. هن چيو ته اقتدار ۽ عهدي جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته نوازشريف سياست کان ڌار نظر اچي رهيو آهي، پر سياست جي عينڪ سان ڏٺو وڃي ته نوازشريف سياست ۾ موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.