ن ليگ پنجاب ۾ سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب

لاهور (م ڊ ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ نمبر گيم مڪمل ڪري ورتي آهي. تفصيلن موجب پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن) سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، آزاد ميمبرن جي شموليت سان پنجاب ۾ مسلم ليگ ن جي ميمبرن جو انگ 151 ٿي ويو آهي. 151 ميمبرن مان مسلم ليگ (ن) کي عورتن جون 33 سيٽون ملنديون، جڏهن ته مسلم ليگ ن 4 اقليتي سيٽون حاصل ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي. اهڙي ريت جيڪڏهن عورتن ۽ اقليتن جون سيٽون الاٽ ڪيون وڃن ٿيون ته مسلم ليگ ن 188 ميمبرن سان ٽاپ تي هوندي، جڏهن ته پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ان کي 186 ميمبرن جي حمايت جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.