شهباز پريس ڪانفرنس ۾ آصف زرداري کي صدر چئي مخاطب ٿيو

اسلام آباد (م ڊ) اتحادين جي اجلاس کان پوءِ پريس  ڪانفرنس دوران شهباز شريف ٻه ٽي ڀيرا آصف زرداري کي صدر چئي پڪاريو. ن ليگ، پ پ، ايم ڪيو ايم، ق ليگ، استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ بلوچستان عوامي پارٽي اتحادي حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين جي رهائشگاهه تي ملڪي سياسي جماعتن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ن ليگ صدر شهباز شريف پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي صدر چئي مخاطب ڪيو ۽ ذريعن جي دعويٰ آهي ته اتحادي حڪومت ۾ ملڪ جو ايندڙ صدر آصف زرداري هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.