شهباز جو زرداري ۽ بلاول کي فون، حمايت جي اعلان تي شڪريو ادا ڪيو

لاهور (م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف  ڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. شهباز شريف ٻنهي اڳواڻن سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ مسلم ليگ ن جي حمايت جي اعلان تي نواز شريف طرفان ۽ پاڻ شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته اميد آهي ته گڏجي پاڪستان کي سياسي ۽ معاشي بحرانن مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين.ٻئي پاسي مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف بلوچستان عوامي پارٽي (بي اي پي) کي حڪومت سازي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي. شهباز شريف بلوچستان عوامي پارٽي جي سربراهه خالد مگسي کي فون ڪري چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن موجب شهباز شريف خالد مگسي کي حڪومت سازي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، ٻنهي اڳواڻن رابطن جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف ۽ خالد مگسي جلد ملاقات تي اتفاق ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.