اسلام آباد (م ڊ) آءِ ايم ايف صنعتي شعبي لاءِ بجلي ٽيرف گهٽ ڪرڻ جو پلان رد ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب نگران حڪومت آءِ ايم ايف کي مطمئن ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي، عالمي مالياتي اداري صنعتي شعبي لاءِ بجلي ٽيرف گهٽ ڪرڻ جو پلان رد ڪرڻ سان گڏ گردشي قرض ۾ گهٽتائي جي پلان تي به عدم اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف چيو آهي ته صنعتي شعبي جي ٽيرف ۾ گهٽتائي جي تجويز سان غريب گهريلو واهپيدارن تي بار وڌندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ پاور ڊويزن حڪومتي ڊسڪوز جي صلاحيت ۾ بهتري ۽ بجلي چوري روڪڻ جو اثرائتو پلان پيش نه ڪري سگهيو، آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته حڪومت مخصوص شعبن کي رليف ڏيڻ بدران بجلي ٽيرف ۾ گهٽتائي لاءِ ٺوس قدم کڻي. آءِ ايم ايف طرفان چيو ويو آهي ته حڪومت ڊسڪوز جي انتظاميا نجي شعبي حوالي ڪرڻ جي شرطن تي عملدرآمد ڪري، بجلي جي ٽيرف ۾ گهٽتائي لاءِ ضروري سڌارن تي عملدرآمد ڪيو وڃي، ڊسڪوز جي گورننس ۾ بهتري ۽ بجلي چوري روڪي ٽيرف گهٽ ڪيو وڃي، پاور سيڪٽر جي بحالي پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ ضروري آهي. واضح رهي ته حڪومت صنعتي شعبي لاءِ ٽيرف 14 سينٽس مان گهٽائي 9 سينٽ ڪرڻ جي تجويز تيار ڪئي هئي، جنهن تحت صعنتي شعبي کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ گهريلو واهپيدارن تي 450 رپيا ماهوار فڪسڊ چارجز لاڳو ٿيڻي هئي.