اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسي اقليتن جي حقن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي رمارڪس ڏنا آهن ته سڄي ملڪ ۾ موجود مندر ۽ گردوارا مخصوص اقليتن ۽ عوام جي پراپرٽي آهن، سڀ زمينون ڦٻايون وڃن ٿيون ان لاءِ حقيقتون لڪايون پيون وڃن، سپريم ڪورٽ ۾ اقليتن جي حقن بابت چيف جسٽس فائز عيسيٰ ۽ وڪيل اڪرام چوڌري ۾ منهن ماري ٿي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي وڪيل اڪرام چوڌري ۾ منهن ماري ٿي، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته سچي ملڪ ۾ ڪيترا گوردوار آهن جنهن تي وڪيل اڪرام چوڌري جواب ڏنو ته موجوده ڪيس 6گوردوارن جو آهي، سڄي ملڪ جو تفصيل گذريل ٻڌنين ۾ جمع ڪرائي چڪا آهيون، چيف جسٽس سوال ڪيو ته اوهان حقيقتون ڇو لڪائڻ چاهيو ٿا، سچ عوام جي سامهون اچڻ کان ڇو روڪيو پيو وڃي، وڪيل جواب ڏنو ته سڀ حقيقتون عدالت کي ڏئي چڪا آهيون چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته عدالت جو ڪجهه ته احترام ڪريو. چيف جسٽس اڪرام چوڌري کي روسٽرم تان هٽڻ جي هدايت ڪندي رمارڪس ڏنا ته اخلاق ته ختم ئي ٿي ويو آهي.وڪيل اڪرام چوڌري چيو ته وڪالت ڪندي 35 ٿي ويا آهن، اڪرام چوڌري چيف جسٽس کي جواب ڏنو ته اوهان سمجهو ٿا ته اخلاق رڳو اوهان ئي وٽ آهي، بار جو سينيئر ميمبر آهيان، مون کي به عزت ڏني وڃي، چيف جسٽس چيو ته اسان کي اوهان سان نه بورڊ جي چيئرمين سان ڳاله ڪرڻي آهي، بورڊ جو چيئرمين ۽ ٻيا عملدار سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي ويا، بورڊ جي چيئرمين ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ فعال گوردوارن جو انگ 19 آهي، چيف جسٽس فائز عيسيٰ سوال اٿاريو ته مڙني گوردوارن جو تفصيل ۽ تصويرون ويب سائيڊ تي ڇو نٿا وجهو، چيف جسٽس اويڪيو ٽرسٽ بورڊ عملدارن کي ڇنڊ پٽيندي چيوته منهنجي ڳالهه تي سر سر ڇو ڪري رهيا اهيو، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته انگرين جو دور ختم ٿي چڪو آهي هاڻي سر سر نه ڪريو، غلامي جا زنجير ٽوڙي ڇڏيو، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته هي مخصوص اقليتن ۽ عوام جي پراپرٽي آهي، سڀ زمينون ڦٻايون وڃن ٿيون، ان لاءِ حقيقون لڪايون وڃن ٿيون، پهريان عدالت تي چڙهائي ڪريو پوءِ جج کي سوال به نه پچڻ ڏيو، عدالت سمورن گوردوارن ۽ مندر جي تصويرن سميت مڪمل تفصيل ويب سائيٽ تي جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. هوڏانهن سپريم ڪورٽ جڙانوالا سانحي بابت پنجاب حڪومت جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ۾ چيو ته واقعي بابت هيءَ رپورٽ ڏسڻ کانپوءِ مون کي شرمندگي ٿي رهي آهي، ٻين هنڌن تي وڃي اسلاموفوبيا جا دهل وڄايون ٿا، اسان پاڻ هتي ڇا ڪري رهيا آهيون. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڀارت ۾ جيڪو مسلمانن سان ٿي رهيو آهي ڇا اهو هتي ڪاپي ڪرڻ چاهيون ٿا؟ چيف جسٽس سوال ڪيو ته جڙانوالا واقعو ڪڏهن ٿيو ۽ هيل تائين ڪيترا ماڻهو پڪڙيا ويا آهن؟ ايس پي انويسٽيگيشن چيو ته مسلمان ڪميونٽي اجلاس ڪري فيصلو ڪيو ته توهين مذهب تي ڪارروائي ڪيو. چيف جسٽس چيو ته پوليس پنهنجي اکين آڏو سڀ ڪجهه سڙندي ڏٺو؟ جڙانوالا ۾ بهادر پوليس بيهي تماشو ڏسندي رهي . 03