خيرپور ناٿن شاهه/ڪڪڙ (نمائندن وٽان ) پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ ۽ تازو ئي چونڊن ۾ پي ايس 80 تان ڪامياب ٿيندڙ ايم پي اي انجنئير عبدالعزيز جوڻيجو 63 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. عبدالعزيز جوڻيجو ڪافي عرصي کان ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هو، مرحوم جي جنازي نماز ۽ تدفين سندس اباڻي ڳوٺ علي بخش جوڻيجو ۾ ڪئي وئي، جنازي نماز محمد ڪرم الله الاھي دلبر سائين پڙھائي، جنازي نماز ۾ ايم پي اي نعيم کرل، رفيق جمالي، ايم پي اي ڪريم سومرو، اڳوڻي ايس ايس پي ذوالفقار جوڻيجو، خضر حيات محسن شاھه، ايم پي اي فياض ٻٽ، ايم پي اي پيرمجيب الحق، سيد محمد شاھه، سردار خير محمد کوکر ۽ سميت مختلف سياسي سماجي توڙي ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي. عبدالعزيز جوڻيجو 12 سال اڳ آبپاشي کاتي جي سپريٽنڊ انجنيئر جي عھدي ۽ نوڪري تان استيعفٰي ڏئي پ پ جي پليٽ فارم تان سياست جي شروعات ڪيئ ۽ والد امير بخش جوڻيجو جي نقش قدم تي ھلندي سياست ۾ پير پاتو. سندس سياسي سفر ۾ ھميشه ڪاميابيون رهيون، 2013 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا اسيمبلي ميمبر چونڊيو. هن چونڊن ۾ لياقت جتوئي، احسان جتوئي ۽ ڪريم جتوئي کي شڪست ڏني. تازو اليڪشن ۾ بيمار ھئڻ ڪري سندس ڀائٽين اسد خان جوڻيجو، زبير خان جوڻيجو سميت ٻين پاران سندس چونڊ مھم ھلائي وئي. مرحوم عبدالعزيزجوڻيجو کي 5 نياڻيون ۽ ھڪ پٽ جو اولاد آهي.
بلاول، فريال ٽالپر ۽ شرجيل ميمڻ پاران عبدالعزيز جوڻيجي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
ڪڪڙ : پ پ ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو جي لاڏاڻي تي پ پ ضلعي دادو پاران سياسي سرگرميون معطل ڪندي 3 ڏينھن سوڳ جو اعلان ڪيو آھي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ليڊيز ونگ جي صوبائي صدر فريال ٽالپر، شرجيل انعام ميمڻ سميت پوري ضلعي دادو جي قيادت پاران عبدالعزيز جوڻيجي جي لاڏاڻي تي گھري ڏک ۽ افسوس ۽ وارثن سان اظھار تعزيت ڪئي آھي. بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته عبدالعزيز جوڻيجو جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس ٿيو. عزيز جوڻيجو سينئر سياستدان ھو. عزيز جوڻيجو عوامي شخصيت ۽ غريب مسڪين جو ھمدرد ھو. پارٽي ۽ عوام لاءِ ڪيل خدمتن کي وساري نٿو سگهجي.
جماعت اسلامي طرفان عبدالعزيز جوڻيجو جي وفات تي ڏک جو اظھار
ڪراچي(پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير سابق ايم اين اي محمد حسين محنتي ڪي اين شاهه مان پ پ جي چونڊيل ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو جي وفات تي دلي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آھي ته دنيا جي چمڪ دمڪ ڌوڪي جي سامان کان سواءِ ڪجهھ به نه آھي. موت ھڪ اٽل حقيقت ھر نفس کي ان جو مزو چکڻو آھي.اصل زندگي آخرت جي ڪاميابي يعني جنت آھي.ھن مرحوم جي مغفرت ۽ پونيئرن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي آھي.