”جبري گمشدگي جي سزا ڦاهي “اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران نگران وزيراعظم طلب

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ/جبري گمشدگي

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي آزادي بابت ڪيس ۾ ايندڙ ٻڌڻي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي طلب ڪري ورتو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار طرفان وڪيل ايمان مزاري عدالت ۾ پيش ٿي.ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته جيڪي ماڻهو جبري گمشدگي ۾ ملوث آهن، انهن کي ڦاهي ڏيڻ گهرجي، عام طور تي هڪ ڀيرو ڦاهي ڏني ويندي آهي، اهڙن ڪيسن ۾ ملوث ماڻهن کي ٻه ڀيرا ڦاهي ڏيڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته هاڻي نگران وزيراعظم کي طلب ڪري رهيو آهيان ته پوءِ چونڊيل وزيراعظم کي به طلب ڪندس،اسسٽنٽ اٽارني جنرل چيو ته اسان کي ان ڪيس ۾ وڌيڪ وقت گهرجي،12 مان وڌيڪ هڪ شاگرد بازياب ٿي ويو آهي، ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آءِ ايس آءِ ۽ ملٽري انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر جنرلز کي به طلب ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏيندي چيو اها ته منهنجي مهرباني آهي جو مان ٻنهي ڊائريڪٽر جنرلز کي ناهي گهرايو. عدالت نگران وزيراعظم کي سومر ڏينهن صبح 10 وڳي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي،جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ۾ چيو ته نگران وزيراعظم پاڻ پيش ٿي ٻڌائي ته هن جي خلاف ڇو نه ڪيس داخل ڪيو وڃي، جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ضرورت پئي ته چونڊيل وزيراعظم کي به گهرائيندس

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.