ڪشمور: ملهه پهلوان معذوري سبب بستري ڀيڙو، سهائتا جي اپيل

ڪشمور (ويب ڊيسڪ) نوجوان ملهه پھلوان محمد عيسيٰ ملاح سنڌ جي قومي عوامي راند ملهه جو ڀلوڙ پھلوان هئو، 2 سال اڳ هڪ ملهه مقابلي دوران نوجوان پھلوان کي ڌڪ لڳڻ سبب گوڏو ٽٽي پيو، تڏهن کان معذوريءَ واري زندگي گذاريندي گهر جي کٽولي تائين محدود ٿي ويو آھي.

سندس گهر ۾ ٻيو ڪو ڪمائڻ وارو نه هجڻ ۽ ملهه کانسواء ڪو ٻيو آمدنيءَ جو ذريعو نه هجڻ سبب فاقاڪشيءَ واري صورتحال آھي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد عيسيٰ ملاح جو چوڻ آھي ته هن سنڌ جي نمائندگي ڪندي سنڌ توڙي بلوچستان ۾ وڏا وڏا ملهه مقابلا کٽي سنڌ جو نالو روشن ڪيو آھي ۽ سرڪاري سطح جي مقابلن ۾ حصو وٺي چڪو آھيان پر هاڻي گوڏي وٽان ڄنگھ ٽٽڻ کانپوءِ معذوريءَ واري حالت ۾ ڪير به سار لھڻ وارو ڪونهي.

هن چيو ته علاج جا پيسا ته پري جي ڳالھ پر 2 ويلا مانيءَ به ڏکي ٿي وئي آهي.

زخمي ۽ معذور ٿي ويل پھلوان محمد عيسيٰ ملاح سنڌ جي وزيراعليٰ، سنڌ جي گورنر، راندين واري وزير ۽ سرنديءَ وارن کي اپيل ڪئي آھي ته منھنجي سار لھو، منھنجي ٻچن کي فاقاڪشيءَ کان بچايو ۽ منھنجي علاج لاءِ ڪو سرڪاري فنڊ مقرر ڪيو ته جيئئن مان پنھنجي بقايا زندگي سک سان گهاري سگهان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.