گڏيل عرب امارتن جي مختلف رياستن ۾ لاڳيتو ٻن ڏينهن جي برسات کان پوءِ اڄ سج نڪري آيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب دبئي، ابوظهبي، شارجه ۾ برسات بيهڻ بعد اُس نڪري آئي آهي.
دبئي ۾ سمورين اهم شاهراهن تان پاڻي مڪمل نيڪال ٿي چڪو آهي.
ان کانسواءِ مختلف تعليمي ادارن مان به پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي، پاڻي جي نيڪالي لاءِ ٽينڪرز جو استعمال ڪيو ويو.
گڏيل عرب امارتن ۾ پيل غير معمولي زندگي جو نظام متاثر ڪري ڇڏيو آهي.
اختيارين خراب موسم جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي دبئي ۾ حفاظتي قدمن لاءِ تعليمي ادارا بند ڪري ڇڏيا هئا جنهن کان پوءِ آن لائين ڪلاس ورتا ويا جڏهن ته گڏيل عرب امارتن ۾ آفيس ۾ به ورڪ فراهم هوم لاڳو ڪيو ويو هو.
You might also like