نواز شريف نه شهبازشريف وزيراعظم بڻجندو: خواجا آصف

اسلام آباد (م ڊ)ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته ن ليگ جو قائد نوازشريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم نه بڻجندو، پنجاب جي  وڏي وزير تي اتفاق ٿي چڪو، نالي تي سسپينس برقرار آهي، ناڻي واري وزير لاءِ اسحاق ڊار جي نالي تي اڃان فيصلو ناهي ٿيو، خانگي ٽي وي کي انٽريو  ڏيندي هن چيو ته وزيراعظم  لاءِ شهباز شريف ن ليگ جو اميدوار هوندو، جڏهن ته حتمي فيصلو امڪاني حڪومتي اتحاد جي مشاورت سان ٿيندو. اڳوڻي دفاع واري وزير چيو ته پنجاب جي وڏي وزير تي اتفاق ٿي چڪو، نالي تي سسپينس برقرار آهي، وفاق ۾ اتحادي حڪومت ٺهڻ جا آثار آهن، هوڏانهن ن ليگ جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته خواجا آصف جو بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي،  وزيراعظم جو نالو اڃان طئي ناهي ڪيو ويو. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزي چيو ته پارٽي واضح ڪرڻ چاهي  ٿي ته وزيراعظم اميدوار جو نالو اڃان طئي ناهي ڪيوويو، هن چيوته اتحادين ۽ سياسي مشاورت جي نتيجي ۾ ئي نالو گڏيل طور تي طئي ڪيو ويندو، ان ڏس  ۾ اڃان ڪوئي حتمي فيصلو ناهي ٿيو، ڳالهين ۽ رابطن جو سلسلو هلندڙ آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.