اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي وچ ۾ ٽن فارمولن تي ڳالھيون ھلندڙ آھن، پھرين فارمولي مطابق شھباز شريف وزيراعظم ته صدر آصف علي زرداري ٿيندو، جڏھن ته سينٽ جو چيئرمين ۽ پنجاب جو گورنر پڻ پ پ جو ھوندو، ٻيو فارمولو اھو آھي ته نواز شريف صدر، شھباز شريف پنجاب جو وڏو وزير ۽ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو ۽ اھڙي طرح ٻيا به صوبائي عھدا ورھايا ويندا،ناليواري صحافي گوھر بٽ مطابق ته ٽيون فارمولو اھو آھي ته اڍائي سال مسلم ليگ ن جو وزيراعظم ھوندو ۽ اڍائي سال پ پ جو.گوھر بٽ چيو ته مسلم ليگ (ن ) جا ڪجھه اڳواڻ محسن نقوي کي پنجاب جو وزيراعلي بڻائڻ چاھين ٿا، جيڪو آئين جي خلاف عمل آھي. ڇاڪاڻ ته نگران حڪومت جو حصو رھندڙ ڪوبه شخص نه ته پاڻ ايندڙ حڪومتي سيٽ اپ جو حصو بڻجي سگھي ٿو، نه وري ان جي ڪٽنب جو ڪو فرد.