فردوس عاشق اعواڻ چماٽ هڻڻ تيپوليس اهلڪار کان معافي گهري ورتي

اسلام آباد (م ڊ) استحڪام  پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ فردوس عاشق  اعواڻ پوليس اهلڪار کي چماٽ هڻڻ تي معافي گهري  ورتي، اليڪشن ڪميشن پاران گهرائڻ تي ٻڌڻي دوران چيو  ته مون کي چماٽ هڻڻ  نه گهرجي ها مانمعافي  چاهيان ٿي، جڏهن  ته اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته شڪايتن جو مطلب اهو ته ناهي توهان پوليس اهلڪار کي ماريو، خبر موجب فردوس عاشق اعواڻ پاران پوليس اهلڪار کي چماٽ هڻڻ جي واقعي جي اليڪشن ڪميشن ٽربيونل ۾ ٻڌڻي ٿي، فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اسان جا حامي ۽ ووٽر پوليس اليڪشن ٻاهران بيٺا هئا، مان ڏٺو  پولنگ اليڪشن جي گيلري بند آهي ۽ هڪ شخص ماڻهن کي سڏي اندر گهرائي رهيو هو اسان کي پتو نه هو ته هي صاحب ڪير آهي اهو سول ڪپڙن ۾ هو، پوليس وارن کي چيو ته اوهان ڇا ڪري رهيا آهيو، ڇا قانون انهن کي حق ڏئي ٿو ته هي سهولت ڪن، ان موقعي تي ميمبر ڪميشن پنجاب سوال ڪيو ته ڇا اوهان کي قانون حق ڏئي ٿو ته اوهان چماٽ هڻو، جنهن تي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نه قانون  حق نٿو ڏئي مان ان  تي معافي ورتي، اليڪشن ڪميشن جو فردوس عاشق اعواڻ تي 15 فيبروري تي لکت جواب ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.