اسلام آباد (بيورو+م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ 8 فيبروري جي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، درخواست علي خان نالي شهري پاران داخل ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ وفاقي حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو آهي، ان ۾ اپيل ڪئي وئي ته 8 فيبروري تي ٿيل چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ انهن چونڊن جي نتيجن ۾ حڪومت ٺهڻ واري عمل کي روڪيو وڃي، درخواست ۾ چيو ويو ته عدليا جي نگراني هيٺ 30 ڏينهن ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ ڌانڌلي، اليڪشن فراڊ جي جاچ ۽ ذميوارن جي خلاف ڪارروائي جا حڪم ڏنا وڃن.