ڪراچي (م ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير امين الحق چيو آهي ته آئين ۾ ترميم ڪئي وڃي ته ايم ڪيو ايم وفاق ۾ حڪومت سان گڏ هلڻ لاءِ تيار آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي امين الحق چيو ته ايم ڪيو ايم بيگاني جي شادي ۾ عبدالله ديواني وارو ڪم نٿي ڪري، شهباز شريف خالد مقبول کي فون ڪري لاهور اچڻ جي دعوت ڏني هئي، جيڪڏهن آئين ۾ ترميم ڪئي وڃي ته اسان وفاق ۾ حڪومت سان گڏ هلڻ لاءِ تيار آهيون، امين الحق وڌيڪ چيوته اسان آئين ترميم سان بلدياتي نظام تي ڊي سينٽرلائيز ڪرڻ چاهيون ٿا، ايم ڪيو ايم جا دروازا مڙني سياسي پارٽين لاءِ کليل آهن. بئريسٽر گوهر فون ڪندو ته ڳالهه کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو، هن چيو ته اميد هئي ته ڪراچي مان 18سيٽون کٽينداسين، اسان کي ليول پليئنگ فيلڊ نه ملي پر ايم ڪيو ايم ڪراچي جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي ۽ ڳرو مينديٽ حاصل ڪري پوري طاقت سان ڪراچي ۾ موجود آهي، ايم ڪيو ايم جي بائيڪاٽ تي ئي جماعت اسلامي کي بلدياتي سيٽون مليون هيون، ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته ڪي فور رٿا کي مڪمل ڪرڻ اسان جي ئي ترجيح هوندي، جڏهن ته حيدر آباد يونيورسٽي ۾ ڪجهه هفتن ۾ ڪلاسز جو اهتمام به ترجيحن ۾ شامل آهي.