صدر سان ملاقات ۾ پي ٽي آءِ وفد پاران ڌانڌلين بابت آگاهي

اسلام آباد(م ڊ) صدر عارف علوي سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفد ملاقات ڪئي.صدر عارف علوي سان پي ٽي آءِ اڳواڻن رئوف حسن ۽  عمير نيازي صدر هائوس ۾ ملاقات ڪئي.صدر هائوس موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفد صدر کي عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي بابت آگاهه ڪيو.ترجمان چيو ته وفد پارٽي جي صدر کي چونڊ عمل ۾ مبينا بي ضابطگين بابت آگاهه ڪيو.پي ٽي آءِ وفد جو موقف هو ته مختلف تڪن ۾ جاري ڪيل فارم 45 ئي چونڊ نتيجن جي اصل حقيقتن کي بيان ڪن ٿا، پارٽي دٻاءُ، چونڊ نشانن جي ڇنڊڇاڻ ۽ گرفتارين باوجود چونڊن ۾ ڪامياب ٿي آهي.وفد چيو ته ڌانڌلي باوجود عوام عام چونڊن ۾ پارٽي جي اميدوارن تي اعتماد جو اظهار ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.