اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان اهم ملاقات، ملڪي وهنوار هلائڻ لاءِ مدد طلب؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ اسٽيبلشمينٽ جي اهم شخصيت  ملاقات  ڪري کائنس ملڪي ڪاروھنوار ھلائڻ لاءِ مدد طلب ڪئي. ذريعن مطابق ملڪ جي طاقتور ترين شخصيت جو قابل اعتماد سمجھيو ويندڙ عسڪري شخصيت عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪري چيو آھي ته اوھان کي ڪيسن ۾ رعايت ڏيڻ سان گڏ خيبر پختوخواه ۾ حڪومت ٺاھڻ ڏني ويندي ۽ وفاق ۾ پڻ اوھان جي مينڊيٽ جو احترام ڪيو ويندو. اوھان بس ايندڙ حڪومت کي ھلڻ ڏيو.صحافي  اسد علي طور پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آھي ته عمران خان نه ته پنھنجي ڪيسن ۾ کانئس رعايت طلب ڪئي ۽ نه ئي ھن جيل مان ٻاھر نڪري پرڏيھه وڃڻ جي خواھش ظاھر  ڪئي. ھن کيس چيو ته اسان جون چورايل سيٽون واپس ڪرايون وڃن. جنھن تي ان شخصيت وراڻيو ته جيڪڏھن اوھان کي سيٽون عدالتن وسيلي واپس ملن ٿيون ته اسان کي ڪوبه اعتراض نه ھوندو. جيڪڏھن پي ٽي آءِ اھي سيٽون جن جو انگ لڳ ڀڳ 40 آھي، واپس مليون ته پي ٽي آءِ وٽ تقريبن 130 سيٽون ٿي وينديون، جنھن سان اھا وفاق ۾ حڪومت ٺاھڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويندي.سينئر صحافي ۽ تجزئي نگار اسد علي طور چيو آھي ته ھڪ بيرل پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن 9 مئي تي ٽوڙيو ھو ۽ ٻيو بيرل پي ٽي آءِ جي ووٽرن 8 فيبروري تي ٽوڙي ڇڏيو آھي، جنھن تي اسٽيبلشمينٽ جھڪڻ تي مجبور ٿي وئي آھي، ڇا ڪاڻ ته انھن خوف ته پئدا ڪيو پر ان خوف کي برقرار رکڻ انھن جي وس ۾ ناھي. اسد علي طور ته جيڪڏھن عمران خان ثابت قدم رھيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ جو پنجاب مان صفايو ٿي ويندو، جن کي ايندڙ چونڊن ۾ پنج پنج سيٽون به نه ملنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.