چونڊن ۾ ڌانڌلين ۽ نتيجا تبديل ڪرڻ خلاف جماعت اسلامي جا سنڌ ۾ مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندا) جماعت اسلامي سنڌ جي سڏ تي ڪراچي سميت سنڌ ۾ چونڊن ۾ڌانڌلين ۽ مينڊيٽ چوري توڙي هارايل اميدوارن کي کٽائڻ واري غير جمهوري عمل خلاف ڪراچي، حيدرآباد،  سکر، لاڙڪاڻو،بدين،ڪنڌڪوٽ، نوشهروفيروز،شڪارپور سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا جنهن ۾ عوام جي وڏي انگ شرڪت، جعلي مينڊيٽ نامنظور، جهرلو اليڪشن نامنظور جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا. ڪنڌڪوٽ ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهري کي سنڌ جي نائب امير ۽ تڪ 191 جي اُميدوار حافظ نصرالله چنا ۽ ضلعي امير غلام مصطفيٰ ميراڻي خطاب ڪندي  چيو ته جيڪي پ پ اُميدوار ورڪ تي نڪرڻ ۽ عوام جي سامهون بيهڻ جي صلاحيت نه پيا رکن اهي ڏيڍ ڏيڍ لک ووٽ کڻي ڪئين ڪامياب ٿيا، حيدرآباد ۾ پريس ڪلب آڏو ڌرڻي کي مرڪزي نائب امير ۽ اين اي 219 تي نامزد اُميدوار ڊاڪٽر معراج الهديٰ صديقي ۽ ضلعي امير عقيل احمد خان خطاب ڪندي چيو ته8 فيبروري تي جهرلو چونڊن عوام جو ووٽ ۽ چونڊن تان ارواهه ئي کڻائي ڇڏيو آهي، اڌ ملڪ وڃائڻ باوجود ملڪي طاقتور قوتون سبق ناهن سکيون، سکر ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهري کي صوبائي اڳواڻ علامه حزب الله جکرو، زبير حفيظ شيخ،سلطان لاشاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته چونڊن واري ڏينهن انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس بند ڪرڻ ڌانڌلي جي شروعات جڏهن ته نتيجا 30 ڪلاڪن کان پوءِ ڏيڻ مان ثابت ٿيو ته 08 فيبروري جي چونڊن ۾ عوام جي ووٽ واري حق تي وڏو ڌاڙو هنيو ويو آهي. لاڙڪاڻي ۾ رٿيل احتجاجي مظاهري کي صوبائي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ، عاشق ڌامراه ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته قوم جعلي مينڊيٽ کي هرگز تسليم ڪونه ڪندي. ڪراچي ۾ جماعت اسلامي طرفان 08 هنڌن اسٽار گيٽ، شاه فيصل، ڪورنگي، واٽرپمپ چورنگي، يوپي موڙ، اورنگي، حسن اسڪوائر، قائد آباد چورنگي ۽ ناظم آباد ۾ احتجاجي ڌرڻا هنيا ويا. جنهن کي مقامي اڳواڻن حافظ نعيم الرحمن، محمد اسلام، فاروق نعمت الله،عرفان احمد،توفيق الدين، سيد قطب ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن کي چڱي طرح معلوم آهي ته ايم ڪيو ايم کي عوام ووٽ ناهي ڏنو، پر تنهن هوندي به عوام جي د ٿيل پارٽي کي ڪراچي تي مسلط ڪرڻ عوام جي حقن مٿان ڌاڙو ۽ شهر کي هڪ ڀيرو ٻيهر بدامني، خونريزي ۽ ٻوري بند لاشن جي سياست ڪندڙن حوالي ڪرڻ برابر آهي. بدين ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهري کي مقامي اڳواڻن عبدالقدوس احمداڻي ۽ ضلعي امير علي مردان شاه گيلاني،يبدالڪريم بليدي خطاب ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن ڌانڌليءَ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، هوڏانهن نوشهروفيروز ۾ ايڊوڪيٽ شبير خانزاده، شڪارپور ۾ عبدالرحمن مڱريو، حافظ سرفراز ڀٽو ۽ ٻين احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.