لاهور(پ ر)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ن ليگ پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کي سپورٽ ڪيو. سڀني لاءِ هڪ جهڙي پاليسي نه هئي. هي عوام ۽ ووٽرن سان زيادتي آهي، جعلي مينڊيٽ تي ٺهندڙ حڪومت جعلي هوندي عالمي ادارن ۽ ميڊيا به اليڪشن تي سوال اٿاريا آهن انهي اليڪشن سان وڌيڪ صورتحال خراب ٿيندي. اليڪشن ڪميشن صاف شفاف اليڪشن ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار منصوره ۾ مرڪزي اڳواڻن جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو. اجلاس ۾ نائب امير لياقت علي بلوچ راشد نسيم ڊاڪٽر فريد پراچا سيڪريٽري جنرل اميرالعظيم ڊپٽي سيڪريٽري جنرل اظهر اقبال حسن. سيڪريٽري اطلاعات قيصر شريف ۽ امير پنجاب وسطي جاويد قصوري به ان موقعي تي موجود هئا.منصوره ۾ مرڪزي اڳواڻن جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جو مينڊينٽ چورايو ويو ۽ ڪراچي ۾ سڀني کي خبر آهي ته ڪراچي ۾ پي ٽي آئي ۽ جماعت اسلامي جي وچ ۾ مقابلو هيو ايم ڪيو ايم ته هئي ئي ڪونه پر عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي اليڪشن ڪميشن هنن نتيجن کي درست نه ڪيو ته مظاهرن ۽ احتجاج جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيندي.امير جماعت اسلامي ڪراچي جي لاءِ روانو ٿي ويو آهي .