بلاول ڀٽو پاران لاڙڪاڻي ۾ فائرنگ واقعي تي ڏک جو اظهار

لاڙڪاڻو : پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ پوليس اي ايس آءِ سميت شهرين جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو  آهي. پ پ چيئرمين واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد پوليس اي ايس آءِ جي وارثن سان دلي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واقعي ۾ زخمي ٿيل ڊي ايس پي ۽ ٻين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

نواز ليگ پي ٽي آءِ حامي ميمبر خريد ڪري شرم جوڳو ڪم ڪيو:سينئر صحافي

اسلام آباد(م ڊ) ناليواري صحافي عباس ناصر ٽوئيٽ ڪيو آهي ته نواز ليگ جي لاهور مان پي ٽي آءِ جي حمايتي ايم اين اي  جي نالي تي شڪار ڪرڻ تي بيحد نفرت آهي. ها، ٽيڪنيڪل طور هو آزاد هو ۽ ها اهڙيون ڳالهيون اڳ به ٿي چڪيون آهن. اهو صحيح نٿو ڪري،پي ٽي آءِ حمايت سان کٽي نواز ليگ ۾ شموليت شرم جوڳو آهي،، جيڪڏهن توهان مون کان پڇو. نوازليگ پنهنجي ”ووٽ کي عزت ڏيو“ واري نعري تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

اين اي 254 تي باپ جو سربراهه خالد مگسي ڪامياب

ڪوئيٽا(م ڊ) اين اي 254 تان بلوچستان عوامي پارٽي جو سربراهه خالد مگسي ڪامياب ٿي ويو آهي. اليڪشن ڪميشن کي اين اي 254 جھل مگسي جو نتيجو اچي ويو آهي، غير سرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجي موجب بلوچستان عوامي پارٽي جو خالد مگسي 79304 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.اين اي 254 جي يو آءِ جي اميدوار نظام الدين کي رڳو 44763 ووٽ مليا، ان کان علاوه اين اي 252 موسيٰ خيل ڪريم بخش خان جو غير سرڪاري غير حتمي نتيجو جاري ڪيو ويو آهي. هوڏانهن مسلم ليگ ن جو سردار يعقوب خان 53783 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو جڏهن ته آزاد اميدوار بابر موسيٰ خيل 52992 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.