لاڙڪاڻي ۾ سياسي پارٽين جي حامين ۾ جهيڙو، پوليس آفيسر سميت 3 ڄڻا قتل

لاڙڪاڻو(رپورٽ عبدالوحيد ابڙو ) لاڙڪاڻي جي ماهوٽا ٿاڻي جي حد ڏاهاڻي موڙ وٽ چانڊيا ۽ ڏاهاڻي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ چانڊيا ڌر جو محمد حسن چانڊيو، ڏاهاڻي ڌر جو عمران ڏاهاڻي قتل ۽ پوليس اي ايس آءِ سلطان شاهه شهيد ٿي ويو، اطلاع تي ڊي ايس پي صدر ۽ ايس ايڇ او ڪنگا واقعي واري هنڌ پهتا جتي هٿياربندن فائرنگ ڪري پوليس مٿان حملو ڪري ڏني جنهن ۾ ڊي ايس پي بشير شر، پوليس اهلڪار صدام موهل، مسعود ڏاهاڻي، غفار ڏاهاڻي، عرفان ۽ اعتبار ڏاهاڻي سخت زخمي ٿي پيا، واقعي بعد مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو. ماهوٽا پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته شروعاتي جاچ موجب ڏاهاڻي ۽ چانڊيا ڌرين ۾ سياسي جلسو ڪرائڻ تان جهيڙو ٿيو آهي، ڊي ايس پي بشير شر پوليس موبائيل ۾ گشت ڪندڙ اي ايس آءِ سلطان شاهه ۽ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو، پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته واقعي واري هنڌ پوليس پهچي فائرنگ بند ڪرائي. هوڏانهن ايس ايس پي لاڙڪاڻو سيد عبدالرحيم شيرازي واقعي واري هنڌ پهچي هوٽل تي موجود هوٽل مالڪ، مزدورن ۽ علائقي واسين کان تفصيل معلوم ڪيا ۽ کين سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو چيو ته افسوسناڪ واقعو آهي، علي حسن ڏاهاڻي چانڊين جي هوٽل ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي جنهن جو تعلق سياسي جماعت سان آهي، اهڙي واقعي جي ايف آءِ آر داخل ٿي بعد ۾ حد جي پوليس گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا، اڄ صبح ساڍي 6 کان 7 وڳي هو ٻيهر هٿيار کڻي اچي ڀڃ ڊاهه ڪئي جنهن تي هوٽل وارن 15 تي ڪال ڪئي، ڊي ايس پي صدر ۽ ايس ايڇ او ڪنگا پوليس نفري ساڻ ڪري پهتا جنهن تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ماهوٽا ٿاڻي جو اي ايس آءِ سلطان شاهه شهيد ۽ هڪ چانڊيو به قتل ٿيو آهي، هن وقت پتو پيو آهي ته هڪ ڏاهاڻي زخمي ٿيو جيڪو به فوت ٿي ويو آهي، واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته ڊي ايس پي صدر ۽ ان جي گن مين صدام کي به ڌڪ لڳا آهن جيڪي زخمي ٿيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.