سکر(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ سان اتحاد ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن جو چوڻ آهي ته هو وزيراعظم لاءِ بلاول ڀٽو کي ووٽ ڏئي سگهن ٿا.اي آر واءِ نيوز سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته سياست ۾ ڪا به شيءِ فائنل ناهي ٿيندي. نواز شريف تڪڙ ۾ تقرير ڪئي ته هو وزيراعظم ٿي رهيو آهي، نواز شريف زرداري کان وڏو آهي، کيس صدر ٿيڻ گهرجي ڇو ته صدر وڏو عهدو آهي.